1.بادشاهَہ 10 - Muslim Sindhi Bibleشبا جي راڻي ( 2.تواريخ 9:1-12 ) 1 جڏهن شبا ملڪ جي راڻيءَ سليمان کي خداوند جي طرفان مليل ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي تڏهن هوءَ ڏکين سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي. 2 هوءَ هڪڙي وڏي اٽالي سان يروشلم ۾ داخل ٿي. پاڻ سان مصالحن، تمام گھڻي سون ۽ قيمتي هيرن جواهرن سان اٺ لڏي کڻي آئي. هوءَ سليمان وٽ آئي ۽ جيڪي ڪجھہ سوچي آئي هئي، تنهن بابت هن کان پڇا ڳاڇا ڪيائين. 3 سليمان هن جي سڀني سوالن جا جواب ڏنا. ڪنهن بہ سوال جو جواب ڏيڻ بادشاهہ لاءِ ڏکيو نہ هو. 4 جڏهن شبا ملڪ جي راڻي سليمان جي سڄي ڏاهپ ڏٺي ۽ جيڪو گھر سليمان ٺهرايو هو سو ڏٺائين، 5 سندس دسترخوان جا طعام، سندس عملدارن جو ويهڻ، سندس خدمتگارن جو پنهنجي وردي ۾ حاضر رهڻ، سندس ساقي ۽ خداوند جي هيڪل ۾ جيڪي سليمان ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون ٿي سي سڀ ڏٺائين تہ هوش هواس اڏامي ويس. 6 راڻيءَ بادشاهہ کي چيو تہ ”مون پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجي ڪارنامن ۽ تنهنجي سياڻپ بابت جيڪي ٻڌو هو سو سڀ سچ آهي. 7 پر جيستائين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ ڪجھہ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيستائين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم. مون کي تہ اڌ بہ نہ ٻڌايو ويو هو. تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جيڪا مون ٻڌي هئي. 8 تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوشنصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوشنصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا! 9 خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي بني اسرائيل جي تخت تي ويهاريو اٿائين. جيئن تہ خداوند کي بني اسرائيل سان دائمي پيار آهي تنهنڪري هن تو کي انهن جو بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“ 10 پوءِ راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي چار هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، مصالحن جو وڏو مقدار ۽ قيمتي هيرا جواهر ڏنا. اهي مصالحا جيڪي شبا ملڪ جي راڻيءَ بادشاهہ سليمان کي ڏنا تنهن جيترو گھڻو مقدار کيس وري ڪڏهن ڪٿان بہ ڪونہ مليو. 11-13 شبا ملڪ جي راڻي جيڪي ڪجھہ بادشاهہ سليمان کان گھريو سو هن کيس ڏنو، بلڪ بادشاهہ پنهنجي شاهي روايت موجب هن کي گھڻو ڪجھہ وڌيڪ ڏنو. پوءِ هوءَ پنهنجي خدمتگارن سميت پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويئي. حيرام جي سامونڊي جهازن اوفير مان سون سان گڏوگڏ اتان چندن جي ڪاٺ ۽ قيمتي پٿرن جو بہ وڏو مقدار آندو. بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گھر لاءِ ۽ بادشاهي محل لاءِ ٿنڀا ۽ ڳائڻن لاءِ تار وارا ساز بہ ٺهرايا. اهڙو چندن جو ڪاٺ وري اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ملڪ ۾ ڪونہ آندو ويو ۽ نہ ڪڏهن ڏٺو ويو. بادشاهہ سليمان جي دولت ( 2.تواريخ 9:13-29 ) 14 جيڪو سون سال بسال بادشاهہ سليمان کي ملندو هو سو تور ۾ اٽڪل ٽيويهہ هزار ڪلوگرام ٿيندو هو. 15 ٽيڪس انهيءَ کان علاوہ هئا جيڪي سوداگر ۽ واپاري ڏيندا هئس. سمورا عرب بادشاهہ ۽ اسرائيل ملڪ جا حاڪم بہ سون ڏيندا هئا. 16 بادشاهہ سليمان ٻہ سؤ وڏيون ڍالون ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي ساڍا ٽي ڪلوگرام سون لڳو. 17 هن ٽي سؤ ننڍيون ڍالون پڻ ٺهرايون جن جي مٿان سون جا پٽ چاڙهايائين. هر هڪ ڍال تي پوڻا ٻہ ڪلوگرام سون لڳو. اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل ۾ رکرائيون. 18 تنهن کان علاوہ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ انهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون چاڙهايائين. 19 اُنهيءَ تخت کي ڇهہ ڏاڪا هئا ۽ تخت جي چوٽي پٺيان گول هئي. تخت کي ٻنهي پاسن کان ٻانهيون هيون ۽ انهن ٻنهي ٻانهين جي ڀرسان ٻن شينهن جا مجسما بيٺل هئا. 20 انهن ڇهن ڏاڪن تي شينهن جا ٻارهن مجسما لڳل هئا. هر هڪ ڏاڪي جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ شينهن بيٺل هو. اهڙو تخت ٻي ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ هو. 21 بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا سڀ پيالا سون جا هئا ۽ لبنان جي ٻيلي واري ڪاٺ مان ٺهيل محل جا سڀ ٿانوَ بہ نج سون جا هئا. ڪابہ شيءِ چانديءَ جي ٺهيل نہ هئي، ڇاڪاڻ تہ سليمان جي ڏينهن ۾ چانديءَ جو ڪو قدر ڪونہ هو. 22 بادشاهہ کي حيرام جي سامونڊي جهازن سان گڏ تجارتي سامونڊي جهاز بہ هئا. ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو اُهي جهاز سون، چاندي ۽ عاج، باندر ۽ مور کڻي موٽندا هئا. 23 بادشاهہ سليمان دنيا جي سڀني بادشاهن کان وڌيڪ دولتمند ۽ داناءُ هو. 24 سڄي دنيا سليمان جي حضور ۾ اچڻ گھرندي هئي، تہ جيئن اُها دانائي ٻڌن جا خدا کيس ڏني هئي. 25 سال بسال جيڪو بہ ايندو هو سو پاڻ سان نذرانو آڻيندو هو. نذرانن ۾ چانديءَ ۽ سون جا ٿانوَ، جبا، هٿيار، مصالحا، گھوڙا ۽ خچر هوندا هئا. 26 سليمان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار گڏ ڪرايا. وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا. 27 بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ کي ائين عام ڪري ڇڏيو جيئن پٿر هوندا آهن ۽ ديال جو ڪاٺ ايترو تہ جھجھو ڪري ڇڏيائين جيترا اتان جي هيٺاهين علائقي ۾ انجير جا وڻ هوندا آهن. 28 سليمان وٽ جيڪي گھوڙا هئا سي مصر ۽ ڪيوُ ملڪ مان گھرايا ويا هئا. شاهي سوداگر اُهي ڪيوُ مان مقرر ڪيل قيمت تي خريد ڪندا هئا. 29 اهي مصر مان هر هڪ جنگي گھوڙي گاڏي ڇهہ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ ۽ هر هڪ گھوڙو ڏيڍ سؤ چانديءَ جي سڪن ۾ خريد ڪندا هئا. هو اهي گاڏيون ۽ گھوڙا حتين ۽ ارام جي بادشاهن کي پڻ برآمد ڪندا هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society