1.بادشاهَہ 1 - Muslim Sindhi Bibleادونياہ جي سازش 1 هاڻ دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي چڪو هو. توڙي جو سندس نوڪر کيس سوڙيون ويڙهيندا هئا تہ بہ هو پاڻ کي گرم نہ رکي سگھندو هو. 2 تنهنڪري عملدارن کيس چيو تہ ”قبلا، اوهان جي لاءِ ڪا ڪنواري ڇوڪري ڳولي هٿ ڪجي، جيڪا اوهان جي خدمت ۾ رهي ۽ اوهان جي سنڀال ڪري. اها اوهان جي ڪڇ ۾ سمهي تہ جيئن اوهان کي گرم رکي.“ 3 پوءِ هنن سڄي بني اسرائيل ۾ خوبصورت ڇوڪريءَ جي ڳولا ڪئي ۽ شونيم ڳوٺ ۾ اِبيشاگ نالي هڪ ڇوڪري لهي هٿ ڪيائون جنهن کي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيائون. 4 اها ڇوڪري نهايت حسين هئي. هوءَ بادشاهہ جي سار سنڀال لهندي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪندي رهي، پر بادشاهہ ساڻس صحبت نہ ڪئي. 5-6 ابيسلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي. 7 پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابيياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. 8 پر صدوق ڪاهن، بناياہ ولد يهويدع، ناتن نبي، شمعي، ريعي ۽ دائود جي محافظن ادونياہ جو ساٿ نہ ڏنو. 9 ادونياہ عينراجل جي چشمي جي ڀرسان زحلت پٿر وٽ رڍون، ڏاند ۽ متارا وهڙا قربان ڪيا. هن بادشاهہ جي ٻين پٽن يعني پنهنجي ڀائرن ۽ بني يهوداہ جي انهن سڀني ماڻهو جي دعوت ڪئي جيڪي بادشاهہ جا عملدار هئا. 10 پر هن ناتن نبيءَ، بناياہ، بادشاهہ جي محافظن ۽ پنهنجي ويڳي ڀاءُ سليمان کي نہ سڏايو. 11 تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بتسبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي. 12 سو هاڻ اچ تہ آءٌ تو کي صلاح ڏيان تہ جيئن تنهنجي ۽ تنهنجي پٽ سليمان جي زندگي بچي سگھي. 13 تون بادشاهہ دائود وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ ’قبلا سائين! ڇا اوهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان قسم کڻي نہ چيو هو تہ منهنجو پٽ سليمان اوهان کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ اوهان جي تخت تي ويهندو؟ تہ پوءِ ادونياہ ڇو بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي؟‘ 14 تون اڃا بادشاهہ سان ڳالهائيندي ئي پيئي هوندينءَ تہ آءٌ بہ تنهنجي پٺيان اچي ويندس ۽ تنهنجي ڳالهہ جي تصديق ڪندس.“ 15 تڏهن بتسبع بادشاهہ وٽ ڪوٺيءَ ۾ ويئي، جتي شونيم ڳوٺ واري ڇوڪريءَ اِبيشاگ ضعيف بادشاهہ جي خدمت چاڪري پئي ڪئي. 16 بتسبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ 17 هن کيس وراڻيو تہ ”قبلا سائين! توهان مون پنهنجي ٻانهيءَ سان خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم کڻي چيو هو تہ ’مون کان پوءِ تنهنجو پٽ سليمان ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو.‘ 18 پر ادونياہ اڳي ئي بادشاهہ بڻجي ويٺو آهي ۽ منهنجا آقا بادشاهہ، توهان کي انهيءَ جي ڪابہ خبر ڪانهي. 19 هن وڏي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قرباني ڪيون آهن ۽ توهان جن سڀني پٽن کي، ابيياتر ڪاهن کي ۽ يوآب سپهہسالار کي دعوت ڏيئي گھرايو اٿس، پر توهان جي پٽ سليمان کي نہ سڏيو اٿائين. 20 قبلا سائين! هينئر سڄي بني اسرائيل جون اکيون توهان تي آهن تہ توهان کين ٻڌايو تہ توهان منهنجي آقا بادشاهہ کان پوءِ ڪير توهان جي تخت تي ويهندو. 21 نہ تہ جڏهن توهان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سمهندا تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان مجرم ليکيا وينداسون.“ 22 هن اڃا بادشاهہ سان ڳالهايو ئي پئي تہ ناتن نبي بہ اتي اچي پهتو. 23 بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين. 24 پوءِ ناتن چيو تہ ”منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان ائين چيو آهي ڇا تہ ’مون کان پوءِ ادونياہ بادشاهي ڪري ۽ منهنجي تخت تي ويهي‘؟ 25 ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہسالار ۽ ابيياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘ 26 پر مون تنهنجي ٻانهي کي، صدوق ڪاهن کي، بناياہ ولد يهويدع کي ۽ سليمان کي هن نہ سڏيو آهي. 27 ڇا اهو ڪم منهنجي ڌڻي بادشاهہ ڪيو آهي؟ پنهنجي ٻانهن کي ٻڌايو بہ نہ اٿوَ تہ اوهان کان پوءِ ڪير اوهان جي تخت تي ويهندو.“ سليمان جو بادشاهہ مقرر ٿيڻ 28 تڏهن دائود بادشاهہ چيو تہ ”بتسبع کي مون آڏو آڻيو.“ سو هوءَ وري اچي بادشاهہ جي اڳيان بيٺي. 29 تڏهن بادشاهہ قسم کڻي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم آهي، جنهن منهنجي جان کي هر مصيبت کان بچايو آهي، 30 تہ جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کڻي مون تو کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ سليمان مون کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو، تيئن اڄ آءٌ ضرور ڪندس.“ 31 تڏهن بتسبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ ”شل منهنجو آقا بادشاهہ دائود سدائين سلامت رهي!“ 32 پوءِ بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبيءَ ۽ بناياہ ولد يهويدع کي پاڻ وٽ سڏايو. جڏهن هو وٽس آيا، 33 تڏهن بادشاهہ کين چيو تہ ”اوهين منهنجا عملدار پاڻ سان وٺي وڃو ۽ منهنجي پٽ سليمان کي منهنجي خچر تي چاڙهي جيحون چشمي ڏانهن روانا ٿيو. 34 اُتي صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبي سليمان کي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ بڻجڻ لاءِ مسح ڪن. پوءِ اوهين نفيلون وڄائي چئجو تہ ’بادشاهہ سليمان زندہ آباد!‘ 35 تنهن کان پوءِ اوهين هيڏانهن هن جي پٺيان لڳي اچو ۽ هو اچي منهنجي تخت تي ويهي ۽ منهنجي جاءِ تي هو بادشاهي ڪري. مون هن کي بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“ 36 تڏهن بناياہ ولد يهويدع جواب ۾ وراڻيو تہ ”آمين، خداوند، منهنجي آقا بادشاهہ جو خدا شل ائين ئي ڪري. 37 جيئن خداوند منهنجي آقا بادشاهہ سان گڏ رهيو آهي تيئن شل هو سليمان سان بہ رهي ۽ هن جي تخت کي منهنجي آقا بادشاهہ جي تخت کان بہ وڌائي.“ 38 سو صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ سليمان کي بادشاهہ دائود جي خچر تي ويهاري کيس جيحون چشمي ڏانهن وٺي ويا. 39 صدوق ڪاهن خداوند جي عهد جي صندوق واري تنبوءَ مان جيڪو زيتون جي تيل وارو سڱ آندو هو تنهن مان تيل کڻي سليمان کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيائين. تڏهن هنن نفيلون وڄايون ۽ سڀني ماڻهن وڏي آواز سان چيو تہ ”بادشاهہ سليمان زندہ آباد!“ 40 پوءِ اهي سڀ ماڻهو موٽ تي ڏاڍيون خوشيون ڪندي ۽ بانسريون وڄائيندي سندس پٺيان لڳي آيا، ايتري قدر جو انهن جي آواز سان زمين ڌُڏِي ٿي ويئي. 41 هوڏانهن ادونياہ ۽ جيڪي مهمان ساڻس گڏ هئا، سي جڏهن دعوت کائي بس ڪرڻ وارا هئا، تڏهن اهو آواز ٻڌائون. نفيلن جي آواز ٻڌڻ تي يوآب چوڻ لڳو تہ ”شهر ۾ هي گوڙ شور ڇا لاءِ آهي؟“ 42 اڃا هن ايترو مس ڳالهايو تہ ابيياتر ڪاهن جو پٽ يونتن اچي نڪتو. ادونياہ کيس چيو تہ ”اچ، هلي اچ، تون لائق ماڻهو آهين سو خبر بہ ڪا چڱي آندي هوندءِ.“ 43 تڏهن يونتن کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”نہ. اسان جي آقا بادشاهہ دائود سليمان کي بادشاهہ بڻايو آهي. 44 بادشاهہ دائود صدوق ڪاهن، ناتن نبي، بناياہ ولد يهويدع ۽ شاهي محافظ هن سان گڏ موڪليا ۽ هنن کيس بادشاهہ جي خچر تي سوار ڪيو. 45 صدوق ڪاهن ۽ ناتن نبيءَ هن کي جيحون چشمي وٽ بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪيو آهي. اُتان کان هو خوشيون ڪندا آيا آهن، جنهنڪري شهر ۾ هُل مچي ويو آهي. هي گوڙ جو اوهان ٻڌو آهي سو اهو ئي آهي. 46 سليمان تہ بادشاهي تخت تي بہ وڃي ويٺو آهي. 47 تنهن کان سواءِ بادشاهہ جا عملدار اسان جي آقا بادشاهہ دائود کي مبارڪ باد ڏيئي چوڻ لڳا تہ ’شل اوهان جو خدا سليمان کي اوهان کان وڌيڪ نالي وارو ڪري ۽ هن جي بادشاهي اوهان جي بادشاهيءَ کان وڌيڪ وڌي ويجھي.‘ تڏهن بادشاهہ پنهنجي پلنگ تي سجدو ڪري 48 دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“ 49 تڏهن ادونياہ جا سڀ مهمان ڊڄي اُٿيا ۽ هر ڪو پنهنجو پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. 50 پر ادونياہ سليمان جي ڊپ کان پڻ اُٿي کڙو ٿيو ۽ عهد واري صندوق جي تنبوءَ ۾ جوڙيل قربانگاهہ جي سڱن کي وڃي جھليائين. 51 تڏهن سليمان بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ”ادونياہ اوهان کان ڊڄي ٿو. هو قربانگاهہ جي سڱن کي چنبڙيو پيو آهي ۽ چوي ٿو تہ ’پهريائين سليمان بادشاهہ مون سان قسم کڻي تہ هو پنهنجي هِن ٻانهي کي قتل نہ ڪرائيندو.‘“ 52 تڏهن سليمان چيو تہ ”جيڪڏهن هو پاڻ کي لائق ماڻهو ثابت ڪندو تہ پوءِ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو، پر جيڪڏهن هن ۾ ڪا شرارت ڏٺي ويئي تہ پوءِ هو ماريو ويندو.“ 53 پوءِ بادشاهہ سليمان ماڻهو موڪليا جيڪي هن کي قربانگاهہ کان وٺي آيا. ادونياہ آيو ۽ اچي سليمان بادشاهہ کي ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڏنائين. تڏهن سليمان کيس چيو تہ ”تون پنهنجي گھر هليو وڃ.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society