Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.يوحنا 5 - Muslim Sindhi Bible


دنيا تي ايمان جي فتح

1 جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.

2 سو جڏهن اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ اسين خدا جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون.

3 خدا سان پيار ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون. هن جا حڪم اسان لاءِ ٻوجھہ نہ آهن.

4 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.

5 دنيا تي فتح انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو ايمان آهي تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي؟


خدا جي فرزند بابت شاهدي

6 اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،

7 بلڪ شاهدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آهن،

8 يعني پاڪ روح، پاڻي ۽ رت، جيڪي ٽيئي هڪڙي ئي ڳالهہ جي تصديق ڪن ٿا.

9 جيئن تہ اسين ماڻهن جي شاهدي قبول ڪريون ٿا، تہ پوءِ خدا جي شاهدي تہ انهيءَ کان گھڻو وڌيڪ آهي ۽ خدا جي اها اهم شاهدي سندس فرزند جي حق ۾ آهي.

10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ خدا کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس فرزند جي حق ۾ آهي.

11 اها شاهدي هيءَ آهي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي بخشي آهي ۽ اها زندگي خدا جي فرزند ۾ آهي.

12 سو جنهن وٽ خدا جو فرزند آهي تنهن وٽ زندگي آهي ۽ جنهن وٽ خدا جو فرزند نہ آهي تنهن وٽ زندگي بہ ڪانهي.


دائمي زندگي

13 اوهين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي دائمي زندگي مليل آهي.

14 اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو اعتماد آهي تہ جڏهن بہ اسين سندس مرضيءَ موجب ڪجھہ گھرون تہ هو اسان جي ٻڌندو.

15 جيئن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هو اسان جي ٻڌي ٿو، تيئن اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسين کانئس گھرون ٿا سو هو اسان کي ڏئي ٿو.

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.

17 هر بري ڳالهہ گناهہ آهي، پر هر گناهہ جو نتيجو موت نہ آهي.

18 اسين ڄاڻون ٿا تہ جن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي، سي گناهہ نہ ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ سندن حفاظت اهو ٿو ڪري جيڪو خدا جو فرزند آهي. سو شيطان کين هٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.

19 هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.

20 اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.

21 سو اي پيارا ٻارؤ! بتن کان پاڻ کي بچائجو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan