1.يوحنا 4 - Muslim Sindhi Bibleسچ وارو روح ۽ گمراهيءَ وارو روح 1 اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا. 2 خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو، تنهن ۾ خدا جو روح آهي. 3 پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي. 4 پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي. 5 اهي ماڻهو دنيا جا آهن، تنهنڪري هو دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ دنيا انهن جي ٻڌي ٿي. 6 پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح. خدا پيار آهي 7 اي عزيزؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار خدا جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آهي ۽ هو خدا کي ڄاڻي ٿو. 8 پر جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو خدا کي نہ ٿو ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا پيار آهي. 9 خدا پنهنجو پيار اسان سان هن طرح ظاهر ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ جيئن انهيءَ جي وسيلي اسين نئين زندگي حاصل ڪريون. 10 پيار اهو نہ آهي تہ اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ خدا اسان سان پيار ڪندي پنهنجي فرزند کي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قربانيءَ طور موڪليو. 11 اي عزيزؤ! جيئن تہ خدا اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون. 12 خدا کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. 13 اسين ڪيئن ڄاڻي سگھون ٿا تہ اسين خدا ۾ رهون ٿا ۽ هو اسان ۾ رهي ٿو؟ اهو اسين هن طرح ٿا ڄاڻون جو هن اسان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪيو آهي. 14 هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ اسان ڏٺو آهي ۽ انهيءَ جي شاهدي بہ ڏيون ٿا تہ پيءُ پنهنجي فرزند کي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي. 15 سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي، تہ خدا انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو خدا ۾. 16 ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو يقين بہ اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ خدا پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو خدا ۾ رهي ٿو ۽ خدا بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو. 17 خدا ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح خدا ۾ آهي تيئن ئي هن دنيا ۾ اسين بہ خدا ۾ آهيون. 18 پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونهي، بلڪ مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو، سو جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ اڃا ڪامل نہ ٿيو آهي. 19 اسين پيار انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پهريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آهي. 20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو. 21 جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society