1.يوحنا 3 - Muslim Sindhi Bible1 ڏسو، خدا پيءُ جو اسان سان ڪيڏو نہ پيار آهي! ايتري قدر جو اسين سندس ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آهيون بہ. پر دنيا وارا اسان کي نہ ٿا ڄاڻين، ڇاڪاڻ تہ هنن خدا کي بہ نہ ڄاتو. 2 اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي. 3 جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو مسيح پاڪ آهي. 4 جيڪو بہ گناهہ ڪري ٿو سو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، گناهہ خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي. 5 اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن گناهن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ. 6 تنهنڪري جيڪو منجھس قائم رهي ٿو سو گناهہ نہ ٿو ڪري. پر جيڪو گناهہ ڪري ٿو تنهن نہ کيس ڏٺو آهي ۽ نہ وري کيس ڄاتو آهي. 7 سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي. 8 جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري. 9 جيڪو خدا جو ٻار آهي سو گناهہ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو خدا جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو گناهہ ڪري ئي نہ ٿو سگھي. 10 سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي. هڪٻئي سان پيار 11 هي ئي اهو پيغام آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون. 12 اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا. 13 سو منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن دنيا وارا اوهان سان دشمني ٿا رکن تہ عجب نہ کائو. 14 اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين پنهنجن همايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آهي. 15 جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي. 16 اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن همايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون. 17 جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ خدا آڏو پورو اعتماد 18 اي پيارا ٻارؤ! اسين رڳو ڳالهين ۽ زبان سان نہ، پر عملي طور سچ مطابق پيار ڪريون. 19-20 انهيءَ مان اهو ڄاڻينداسين تہ اسين سچ تي آهيون ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اسان جي دل محسوس ڪري ٿي تہ اسين گنهگار آهيون، تنهن جي باري ۾ اسين خدا جي حضور ۾ خاطري ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪو سڀ ڪجھہ ڄاڻي ٿو، تنهن جي آڏو اسان جي دلين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ 21 اي عزيزؤ! جيڪڏهن اسان جي دل محسوس نہ ٿي ڪري تہ اسين گنهگار آهيون، تڏهن خدا جي آڏو اسين اعتماد سان حاضر ٿي سگھون ٿا. 22 هاڻ جيڪو ڪجھہ اسين خدا کان گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇاڪاڻ تہ اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريون ٿا، جيڪي کيس پسند آهي. 23 هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي. 24 بيشڪ جيڪو خدا جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، سو منجھس رهي ٿو ۽ هو انهيءَ ۾ رهي ٿو. اسين سندس عطا ڪيل پاڪ روح جي ڪري ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society