1.يوحنا 1 - Muslim Sindhi Bibleزندگيءَ جو ڪلام 1 اسين اوهان ڏانهن زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي. 2 هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي. 3 جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي. 4 هي ڳالهيون اسين انهيءَ لاءِ لکي رهيا آهيون تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. روشنيءَ ۾ هلڻ 5 هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“ 6 پوءِ جيڪڏهن اسين چئون تہ خدا سان اسان جو ميل ميلاپ آهي ۽ هلون وري اوندهہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالهايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون. 7 پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي. 8 جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي. 9 پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي. 10 هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس پيغام موجود نہ آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society