Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 9 - Muslim Sindhi Bible


حق ڇڏڻ بابت پولس جو پنهنجو مثال ڏيڻ

1 ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ رسول نہ آهيان؟ ڇا مون عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو خداوند آهي؟ ڇا اوهين خداوند جي لاءِ منهنجي خدمت جو نتيجو نہ آهيو؟

2 جيڪڏهن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ رسول آهيان. منهنجي رسالت جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين خداوند ۾ آهيو.

3 جن کي مون تي اعتراض آهي، تن لاءِ منهنجو جواب هي آهي تہ

4 ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ خدمت جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟

5 ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟

6 ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟

7 ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟

8 ڇا اهي ڳالهيون آءٌ رڳو انساني سوچ موجب چوان ٿو؟ ڇا شريعت بہ ائين نہ ٿي چوي؟

9 هائو، موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟

10 يا هو خاص اسان جي لاءِ ائين ٿو فرمائي؟ هائو، اهو اسان جي لاءِ لکيو ويو آهي. ڏسو، هر ڪاهڻ وارو اها اميد رکي هر ڪاهي ٿو تہ کيس ڪجھہ ملندو ۽ اَنُ ڳاهڻ وارو اها اميد رکي اَنُ ڳاهي ٿو تہ کيس پوک مان حصو ملندو.

11 جيڪڏهن اسان اوهان ۾ روحاني شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين دنياوي شيون لڻون؟

12 جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.

13 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ جيڪي هيڪل ۾ ڪم ڪرڻ وارا آهن سي هيڪل مان ٿا کائين ۽ جيڪي قربان‌گاهہ جا خدمتگار آهن سي قربانيءَ مان ٿا حصو وٺن؟

14 ساڳيءَ طرح خداوند عيسيٰ بہ اهو بندوبست ڪيو آهي تہ خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ وارن کي خوشخبريءَ جي وسيلي گذران ڪرڻ گھرجي.

15 پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.

16 پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ منادي ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.

17 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان منادي ڪريان ها تہ پوءِ انهيءَ جي اجوري جو حق بہ رکان ها. پر جيئن تہ منهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اها مون تي هڪ ذميواري آهي، جيڪا مون کي سونپي ويئي آهي،

18 تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.

19 جيتوڻيڪ آءٌ هڪ آزاد ماڻهو آهيان ۽ ڪنهن جو بہ غلام نہ آهيان، تنهن هوندي بہ مون پاڻ کي هر ڪنهن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تہ جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو هٿ ڪريان.

20 يهودين لاءِ آءٌ يهودين جهڙو بڻيس تہ جيئن يهودين کي هٿ ڪريان. شريعت جي پابندن لاءِ آءٌ شريعت جو پابند بڻيس تہ جيئن شريعت جي پابندن کي هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ شريعت جو پابند ڪين هئس.

21 غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند هئس.

22 ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.

23 اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.

24 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو.

25 هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ.

26 تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان،

27 بلڪ آءٌ جسماني خواهشن کي ماري پنهنجي بدن کي پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan