1.ڪرنٿين 8 - Muslim Sindhi Bibleبتن تي قربان ڪيل کاڌي بابت 1 هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي. 2 جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ هو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي. 3 پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. 4 سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي. 5 جيتوڻيڪ زمين ۽ آسمان جي گھڻين ئي شين کي خدا ۽ خداوند سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوڄا بہ ڪئي وڃي ٿي، 6 تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي خدا آهي يعني آسماني پيءُ، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ زندہ آهيون. اسان جو خداوند بہ هڪڙو ئي آهي يعني عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي زندہ آهيون. 7 پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان ايمان وارن مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوڄا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ پليت ٿي پوي ٿي. 8 حقيقت ۾ کاڌو اسان کي خدا سان نہ ٿو ملائي. جيڪڏهن نہ کائون تہ ڪو نقصان ناهي ۽ جيڪڏهن کائون تہ ڪو فائدو بہ ناهي. 9 پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراهيءَ جو سبب بڻجي. 10 فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بتخاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟ 11 مطلب تہ اوهان جي ڄاڻ جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اوهان جو اهو همايمان برباد ٿي ويندو، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني. 12 اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي همايمان ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا گنهگار ٿا قرار ڏنا وڃو. 13 سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو همايمان گمراهہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي گمراهہ ٿيڻ جو سبب بڻجان. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society