Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 7 - Muslim Sindhi Bible


پرڻيل ماڻهن جي زندگي گذارڻ بابت سوال

1 هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ عورت کي هٿ بہ نہ لائي.“

2 پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي.

3 هر مڙس پنهنجيءَ زال جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر زال بہ پنهنجي مڙس جو.

4 زال پنهنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس مڙس آهي. ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي جسم جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس زال آهي.

5 اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.

6 انهيءَ ڳالهہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڏيان.

7 تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي نعمت مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙي تہ ڪنهن کي ڪهڙي.

8 جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور رنن‌زالن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن.

9 پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.

10 باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند عيسيٰ حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنهنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي

11 ۽ مڙس بہ پنهنجيءَ زال کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن زال کڻي پنهنجي مڙس کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.

12 باقي هِنن لاءِ خداوند عيسيٰ جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀاءُ جي زال غير ايمان واري هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.

13 يا جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀيڻ جو مڙس غير ايمان وارو هجي ۽ اهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اهو ڇڏڻ نہ گھرجي.

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.

15 انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.

16 اي ڀيڻ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي مڙس لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين. يا اي ڀاءُ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي زال لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين.


سڏيو وڃڻ واري حالت ۾ رهو

17 آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.

18 سو جيڪڏهن خدا ڪنهن کي طهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن خدا ڪنهن کي اڻ‌طهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر نہ ڪرائي.

19 طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر خدا جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي.

20 خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ سڏيو آهي، سو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي.

21 توڙي جو خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ.

22 جڏهن تہ جيڪو بہ غلام خداوند عيسيٰ جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو خداوند عيسيٰ جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي.

23 مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.

24 مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو آهي، سو خدا جي آڏو ساڳيءَ حالت ۾ رهي.


اڻ‌پرڻيل ماڻهن بابت

25 ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي خداوند پنهنجي رحمت نازل ڪئي آهي سو اعتماد جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.

26 آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو.

27 جيڪڏهن ڪو پرڻيل آهي تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو اڻ‌پرڻيل آهي تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪري.

28 پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو گناهہ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو گناهہ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.

29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين،

30 روئڻ وارا پنهنجي غم کي ڪا اهميت نہ ڏين، خوشي ڪرڻ وارا پنهنجي خوشيءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين ۽ خريد ڪرڻ وارا پنهنجي خريد ڪيل شيءِ کي ڪا اهميت نہ ڏين.

31 مطلب تہ دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.

32 منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين دنياوي فڪرن کان آزاد رهو. اڻ‌پرڻيل ماڻهوءَ کي خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جو فڪر رهي ٿو تہ هو ڪهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي راضي رکي.

33 جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي دنيا جي ڳالهين جو بہ فڪر رهي ٿو تہ هو ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکي.

34 سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي.

35 اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.

36 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڇوڪري جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونهي.

37 پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڇوڪريءَ کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري.

38 مطلب تہ جيڪو پنهنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري، پر جيڪو کيس نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.

39 جيستائين مڙس جيئرو آهي تيستائين زال سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو هجي.

40 پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan