Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 6 - Muslim Sindhi Bible


هڪٻئي تي ڪيس نہ ڪريو

1 ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي جو اوهان مان ڪنهن جو ٻئي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان ڪو قانوني معاملو آهي تہ فيصلي لاءِ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ نہ، پر غير ايمان وارن جي عدالت ۾ وڃي ٿو.

2 اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ئي دنيا جو انصاف ڪندا؟ سو جڏهن دنيا جو انصاف اوهان جي هٿان ٿيڻو آهي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن ڪرڻ جا بہ اوهين لائق نہ آهيو ڇا؟

3 ڇا اوهين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ هن دنيا جا معاملا اسين پاڻ ڇو نہ نبيريون؟

4 تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي ڪليسيا جي نظر ۾ حقير آهن؟

5 آءٌ اوهان کي احساس ٿو ڏياريان تہ هي ڪيڏي نہ شرم جي ڳالهہ آهي. ڇا اوهان ۾ ڪوبہ اهڙو سياڻو ڪونهي جيڪو اوهان ڀائرن ڀينرن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟

6 پر اٽلندو اوهين ڀائر ڀينر هڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو سو بہ غير ايمان وارن وٽ.

7 حقيقت ۾ هڪٻئي تي ڪيس ڪرڻ ئي اوهان جي وڏي ناڪامي آهي. اوهين ناانصافي سهڻ ڇو نہ ٿا بهتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟

8 بلڪ اوهين تہ خود ئي ناانصافي ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنهنجن ڀائرن ڀينرن کي.

9 اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،

10 چور، لالچي، شرابي، بدزبان ۽ ڌاڙيل خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار هرگز نہ ٿيندا.

11 اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر

12 اوهان مان ڪو پنهنجي لاءِ چوي تہ ”هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ جائز آهي.“ ٺيڪ آهي، پر هر ڪا شيءِ فائدي واري نہ آهي. هائو، هر ڪا شيءِ منهنجي لاءِ بہ جائز آهي، پر آءٌ ڪنهن بہ شيءِ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيندس.

13 بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.

14 انهيءَ ڪري خدا جهڙيءَ طرح پنهنجي قدرت سان خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تهڙيءَ طرح هو اسان کي بہ جيئرو ڪري اٿاريندو.

15 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اسان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنهن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، هرگز نہ.

16 ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“

17 جڏهن تہ جيڪو خداوند عيسيٰ سان ميل ميلاپ رکي ٿو سو پاڪ روح جي لحاظ کان ساڻس هڪ ٿي وڃي ٿو.

18 سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي.

19 ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهان جو بدن پاڪ روح جو گھر آهي؟ اهو پاڪ روح جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو سو خدا اوهان کي بخشيو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ نہ آهيو،

20 ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاهر ڪريو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan