Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 4 - Muslim Sindhi Bible


رسولن سان سلوڪ

1 سو ماڻهن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز ظاهر ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي آهي.

2 هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي.

3 سو منهنجي لاءِ اها ڳالهہ خسيس آهي جو اوهين يا ڪا انساني ڪورٽ منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آءٌ پاڻ بہ پنهنجي جاچ نہ ٿو ڪريان،

4 ڇاڪاڻ تہ منهنجو ضمير مون کي ڪا ملامت نہ ٿو ڪري. پر اهو مون کي بي‌قصور قرار ڏنو وڃڻ لاءِ ڪافي نہ آهي. مون کي جاچڻ وارو تہ خود خداوند عيسيٰ آهي.

5 تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو.

7 تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟

8 واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي بادشاهي ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ بادشاهي ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون ها.

9 اٽلندو منهنجي خيال ۾ خدا اسان رسولن کي سڀ کان هيٺاهون ڪري انهن ماڻهن وانگر پيش ڪيو آهي، جن لاءِ سرِعام قتل جو حڪم ملي چڪو هجي. هائو، اسين ماڻهن توڙي فرشتن لاءِ، بلڪ سڄي دنيا لاءِ هڪ تماشو بڻايا ويا آهيون.

10 اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.

11 اڄ ڏينهن تائين اسين بکايل ۽ اڃايل ٿا رهون ۽ بدن تي پورا ڪپڙا بہ نہ آهن. اسان کي چماٽون هنيون وڃن ٿيون ۽ بي‌گھر ڦرندا ٿا وتون.

12 اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.

13 جڏهن هو اسان کي گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا تہ اسين نرميءَ سان منٿون ڪندي ساڻن ڳالهايون ٿا. هن وقت تائين اسين دنيا جو گند ڪچرو ۽ سڀني شين جو ٻُهر پيا ليکجون.


پيءُ جي حيثيت ۾ پولس رسول جي نصيحت

14 آءٌ هي ڳالهيون اوهان کي شرمسار ڪرڻ خاطر نہ ٿو لکان، بلڪ پنهنجا پيارا ٻار سمجھي اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان.

15 جيتوڻيڪ مسيح جي راهہ تي هلڻ ۾ اوهان جا ڏهہ هزار نگهبان بہ ڇو نہ هجن، تہ بہ اوهان جا پيئر گھڻا ڪين آهن. آءٌ ئي اوهان جو پيءُ بڻيس، ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وسيلي اوهين عيسيٰ مسيح ۾ منهنجا ئي ٻار ٿيا.

16 تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙي زندگي گذاريو.

17 انهيءَ سبب مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جيڪو خداوند عيسيٰ ۾ منهنجو پيارو ۽ وفادار پٽ آهي. هو اوهان کي مسيح ۾ منهنجي هلت چلت جا اهي نمونا ياد ڏياريندو، جهڙيءَ طرح آءٌ هر هنڌ هر ڪليسيا ۾ تعليم ڏيان ٿو.

18 اوهان مان ڪي اهو سمجھي مغرور ٿي ويا آهن، جو ڄڻ تہ آءٌ اوهان وٽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندس.

19 پر جيڪڏهن خداوند گھريو تہ آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس ۽ مغرورن جي ڳالهين کي نہ، پر انهن ۾ پاڪ روح جي قدرت کي معلوم ڪندس،

20 ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي ڳالهين تي نہ، پر قدرت تي مدار رکي ٿي.

21 اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan