Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 2 - Muslim Sindhi Bible


پولس رسول جو پيغام ڏيڻ جو انداز

1 جڏهن آءٌ اوهان ڀائرن ڀينرن وٽ آيو هئس تہ مون خدا جي راز جي منادي ڏکين ۽ ڏاهپ وارن لفظن کان سواءِ ڪئي هئي.

2 مون اهو پڪو ارادو ڪيو هو تہ جيترو وقت آءٌ اوهان وٽ رهان تہ عيسيٰ مسيح، بلڪ سندس صليب تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڳالهايان.

3 آءٌ اوهان وٽ ڪمزوريءَ، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ واري حالت ۾ آيس.

4 منهنجي تقرير ۽ تبليغ ڏاهپ جي دلفريب لفظن سان نہ، پر پاڪ روح جي قدرت سان يقين ڪرڻ جهڙيون ثابت ٿي پئي ويون،

5 انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهان جو ايمان ماڻهن جي ڏاهپ تي نہ، پر خدا جي قدرت تي قائم هجي.


خدا کان مليل ڏاهپ

6 تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.

7 اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.

8 انهيءَ ڏاهپ کي هن دنيا جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏهن بہ صليب تي ڪين چاڙهين ها.

9 پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“

10 پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.

11 ماڻهوءَ جا خيال سندس روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي. ساڳيءَ طرح خدا جا خيال سندس پاڪ روح کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو سمجھي سگھي.

12 اسان کي دنياوي روح نہ، بلڪ خدا جي طرفان پاڪ روح مليل آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اسين انهن ڳالهين کي ڄاڻون جيڪي خدا اسان کي بخشيون آهن.

13 اسين اهي ڳالهيون ماڻهن جي ڏاهپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اهڙيءَ طرح اسين پاڪ روح جون ڳالهيون انهن کي سمجھايون ٿا، جن ۾ پاڪ روح رهي ٿو.

14 پر جنهن ماڻهوءَ کي پاڪ روح مليل نہ آهي، سو خدا جي پاڪ روح جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پاڪ روح جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.

15 جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڪ روح رهي ٿو، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پاڪ روح واري کي بنا پاڪ روح وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،

16 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڪنهن خداوند جي عقل کي سمجھيو آهي، جو کيس صلاح ڏيئي سگھي؟“ پر اسان کي تہ مسيح جو عقل مليل آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan