Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 15 - Muslim Sindhi Bible


مسيح جو مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ

1 هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.

2 انهيءَ جي ئي وسيلي اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ٿو، بشرطيڪ جيڪا خوشخبري اوهان کي ٻڌائي هئم، تنهن تي جيئن جو تيئن پابند رهندا اچو، نہ تہ اوهان جو ايمان آڻڻ بنا ڪنهن سوچ سمجھہ جي آهي.

3 جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پاڪ ڪلام مطابق اسان جي گناهن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.

4 پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.

5 پوءِ پطرس کي ۽ بعد ۾ ٻارهن رسول نالي ٽولي کي ڏيکاري ڏنائين.

6 تنهن کان پوءِ پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي هڪ ئي وقت ڏيکاري ڏنائين، جن مان گھڻا اڃا تائين جيئرا آهن، جڏهن تہ ڪجھہ مري ويا آهن.

7 پوءِ وري هن يعقوب کي ۽ بعد ۾ سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.

8 سڀني کان پوءِ هن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو هئس.

9 آءٌ تہ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ رسول سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو هئم.

10 هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ آهيان، سو خدا جي فضل سان آهيان ۽ خدا جو اهو فضل مون تي اجايو نہ هو، ڇو تہ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ خدمت جو ڪم ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ منهنجي محنت نہ، پر اهو خدا جو فضل هو جيڪو مون تي آهي.

11 تنهنڪري آءٌ هجان توڙي اهي هجن، اسين سڀ ساڳي پيغام جي منادي ٿا ڪريون ۽ انهيءَ تي ئي اوهان ايمان بہ آندو آهي.


مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ

12 هاڻي جڏهن اها منادي ڪئي ٿي وڃي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، تہ اوهان مان ڪي ڪيئن ٿا چون تہ مئل جيئرا ٿي ڪين ٿا اٿن؟

13 جيڪڏهن مئل جيئرا ٿي نہ ٿا اٿن تہ پوءِ چئجي تہ مسيح بہ جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي.

14 هاڻ جيڪڏهن مسيح جيئرو ٿي ڪونہ اٿيو آهي، تہ پوءِ اسان جي تبليغ اجائي آهي ۽ اوهان جو ايمان رکڻ بہ اجايو آهي.

15 پوءِ تہ اسين خدا جي باري ۾ بہ ڪوڙا شاهد ٿي پياسين، ڇو تہ اسان شاهدي ڏني آهي تہ هن مسيح کي جيئرو ڪيو. سو جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ خدا مسيح کي بہ جيئرو ڪري نہ اٿاري ها.

16 مطلب تہ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ مسيح بہ جيئرو ڪري نہ اٿاريو ويو آهي

17 ۽ جيڪڏهن مسيح جيئرو ڪري نہ اٿاريو ويو آهي تہ اوهان جو ايمان رکڻ اجايو آهي ۽ اوهين اڃا تائين پنهنجن گناهن ۾ غرق آهيو.

18 تڏهن چئجي تہ جيڪي بہ مسيح تي ايمان رکندڙ مري چڪا آهن سي برباد ٿي ويا.

19 جيڪڏهن اسين رڳو هن زندگيءَ لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ قياس جي لائق آهيون.

20 پر حقيقت اها آهي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي، جيڪو سڀني مري ويلن مان پهريون ڦل آهي.

21 جيئن انسان جي وسيلي موت آيو، تيئن انسان جي ئي وسيلي مئلن جو جيئرو ٿي اٿڻ بہ آيو آهي.

22 هائو، جيئن آدم جا هئڻ ڪري سڀ مرن ٿا، تيئن ئي جيڪي مسيح جا آهن سي سڀ جيئرا ڪيا ويندا.

23 پر هر ڪو پنهنجي واري تي جيئرو ڪيو ويندو. ان جو پهريون ڦل مسيح آهي ۽ پوءِ سندس موٽي اچڻ تي اهي جيئرا ڪيا ويندا جيڪي مسيح جا آهن.

24 انهيءَ کان پوءِ آخرت ٿيندي، جڏهن مسيح هر حڪومت، هر اختياريءَ ۽ طاقت کي ختم ڪري بادشاهي خدا يعني پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

25 اهو ضروري آهي تہ مسيح تيستائين حڪمراني ڪري، جيستائين هو سڀني دشمنن کي پنهنجي قدمن هيٺان نہ ڪري.

26 سڀني کان آخري دشمن جيڪو ختم ڪيو ويندو سو آهي موت.

27 اهو ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ خدا پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.

28 ڏسو، جڏهن خدا سڀ ڪجھہ فرزند جي وس هيٺ ڪندو، تڏهن فرزند پنهنجو پاڻ خدا جي وس هيٺ ٿي ويندو، جيڪو سڀ شيون فرزند جي وس هيٺ ڪري ٿو. ائين سڀني ۾ خدا ئي سڀ ڪجھہ هوندو.

29 جيڪڏهن مئل وري جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ مئلن جي حق ۾ بپتسما وٺندڙ ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن مئل واقعي ئي جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ انهن جي حق ۾ ماڻهن کي بپتسما ڇو ٿي ڏني وڃي؟

30 يا وري اسين هر گھڙيءَ پاڻ کي خطري ۾ ڇو ٿا رکون؟

31 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ روزانو موت جي منهن ۾ آهيان. اها ڳالهہ ايتري ئي سچي آهي جيترو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا هئڻ ڪري اوهان تي منهنجو فخر آهي.

32 جيڪڏهن آءٌ رڳو هن ئي زندگيءَ لاءِ اِفسس شهر ۾ ڄڻ تہ جھنگلي جانورن سان وڙهيس تہ پوءِ مون کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ جيڪڏهن مئل جيئرا ڪري نہ ٿا اٿاريا وڃن تہ پوءِ ڇو نہ کائي پي وٺون، ڇو تہ سڀاڻي مري کپي وينداسين.

33 تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“

34 صحيح سوچ رکڻ لاءِ جاڳي پئو ۽ گناهہ ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهان مان ڪي خدا جي باري ۾ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. آءٌ چوان ٿو تہ اها اوهان لاءِ شرم جي ڳالهہ آهي.


روحاني جسم

35 هاڻي شايد ڪو چوندو تہ مئل ڪيئن جيئرا ڪري اٿاريا وڃن ٿا؟ ۽ اهي وري ڪهڙي قسم جي بدن سان اچن ٿا؟

36 اي بي‌سمجھہ! جيڪو ٻج پوکجي ٿو، سو جيستائين مري نہ ٿو تيستائين ڦٽي نہ ٿو.

37 اهڙيءَ طرح جيڪو تون پوکين ٿو سو اهو جسم نہ آهي جيڪو پيدا ٿيڻ وارو آهي پر رڳو داڻو آهي، پوءِ اهو ڪڻڪ جو هجي يا ڪنهن ٻي جنس جو.

38 خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو جسم عطا ڪري ٿو.

39 سڀني جو جسم هڪجهڙو نہ ٿيندو آهي. انسانن جو جسم هڪ قسم جو آهي تہ چوپاين جو ٻئي قسم جو، پکين جو هڪڙو تہ مڇين جو ٻيو.

40 آسماني جسم بہ آهن ۽ زميني بہ. پر آسمان وارن جو جلوو هڪڙو آهي تہ زمين وارن جو وري ٻيو.

41 سج جو جلوو هڪڙو آهي تہ چنڊ جو وري ٻيو ۽ تارن جو اڃا وري ٻيو. هر هڪ تارو وري ٻئي تاري کان جلوي ۾ جدا آهي.

42 اهو ئي حال آهي مئلن جي جيئرو ٿي اٿڻ جو، يعني جيڪو جسم فاني حالت ۾ پورجي ٿو سو بقا واري حالت ۾ جيئرو ٿئي ٿو.

43 اهو بي‌قدريءَ سان پورجي ٿو، پر شان وَ شوڪت سان جيئرو ٿئي ٿو. ڪمزوريءَ جي حالت ۾ پورجي ٿو ۽ طاقتور ٿي جيئرو ٿئي ٿو.

44 دنياوي جسم پورجي ٿو پر روحاني جسم ٿي جيئرو ٿئي ٿو. جيڪڏهن دنياوي جسم آهي تہ پوءِ روحاني جسم بہ آهي،

45 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پهريون انسان آدم جيئرو جيءُ بڻيو.“ تہ پوءِ آخري آدم يعني مسيح روحاني جسم ٿي زندگي بخشيندڙ بڻيو.

46 انهيءَ هوندي بہ پهريائين روحاني جسم واري نہ، پر دنياوي جسم واري حالت ٿئي ٿي ۽ پوءِ روحاني جسم واري.

47 پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آسمان مان آيو.

48 مٽيءَ وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو مٽيءَ مان بڻيو ۽ آسمان وارا انهيءَ وانگر ٿين ٿا جيڪو آسمان مان آيو.

49 يعني جهڙي نموني اسان کي مٽيءَ واري جي صورت ملي آهي، تهڙي نموني آسمان واري جي صورت بہ ضرور ملندي.

50 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ مٽيءَ جي جسم وارو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو حقدار نہ ٿو ٿي سگھي. هائو، جيڪو فاني آهي سو بقا وارين شين جو وارث بڻجي نہ ٿو سگھي.

51-52 ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ راز ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين ايمان وارا سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري صور جي ڦوڪ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيئرا سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اها صور جڏهن ڦوڪي ويندي، تڏهن مري ويلن کي بقا واري حالت ۾ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.

53 سو اهو لازمي آهي تہ هي فاني جسم بقا جي پوشاڪ پائي. هائو، مرڻ وارو جسم دائمي زندگيءَ جي پوشاڪ پائي.

54 پوءِ جڏهن فاني ۽ مرڻ وارو جسم غير فاني ۽ دائمي زندگيءَ واري پوشاڪ پهري چڪو هوندو، تڏهن پاڪ ڪلام ۾ ڪيل هي قول پورو ٿيندو تہ ”موت نابود ٿي ويو، مڪمل فتح ٿي آهي.

55 اي موت! ڪيڏانهن ويئي تنهنجي فتح؟ اي موت! ڪيڏانهن ويو تنهنجو ڏنگ؟“

56 ڏسو، موت جو ڏنگ گناهہ آهي ۽ گناهہ جي طاقت شريعت آهي.

57 پر خدا جو شڪر آهي جو هو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي فتح بخشي ٿو.

58 تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan