Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.ڪرنٿين 14 - Muslim Sindhi Bible


اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ بابت

1 سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.

2 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.

3 جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري جيڪي ماڻهن جي روحاني ترقي، نصيحت ۽ دلاسي جو سبب بڻجن ٿيون.

4 جيڪو ماڻهو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي سو ڪليسيا جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري.

5 جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.

6 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان.

7 بي‌جان سازن تي ئي غور ڪريو. مثال طور جيڪڏهن بانسري يا ستارَ صحيح نموني سان نہ وڄائي وڃي تہ ٻڌندڙن کي ان جي سُر جي خبر ڪيئن پئجي سگھندي؟

8 يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟

9 اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اوهين اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندا ۽ انهيءَ جي معنيٰ جيستائين ٻڌندڙن کي سمجھہ ۾ نہ ايندي، تيستائين ڪيئن خبر پوندي تہ اوهين ڇا ٿا ڳالهايو. ائين تہ اوهين ڄڻ هوا سان ٿا ڳالهايو.

10 دنيا ۾ تہ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر انهن مان ڪابہ معنيٰ کان سواءِ نہ آهي.

11 سو جيڪڏهن ڳالهائيندڙ جي ٻوليءَ جي معنيٰ مون کي سمجھہ ۾ نہ ايندي تہ هو منهنجي لاءِ ڌاريو ٿيندو ۽ آءٌ هن لاءِ ڌاريو ٿيندس.

12 اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.

13 تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.

14 مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منهنجو روح تہ دعا گھرندو، پر دماغ مان ڪليسيا کي ڪو فائدو نہ رسندو.

15 پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟ تڏهن آءٌ روح سان بہ دعا گھرندس ۽ دماغ سان بہ. آءٌ روح سان بہ واکاڻ ڳائيندس ۽ دماغ سان بہ.

16 ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.

17 دعا گھرندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح خدا جو شڪرانو ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي.

18 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان.

19 پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.

20 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.

21 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”توڙي جو آءٌ هن قوم سان ڌاريون ٻوليون، ۽ ڌارين ماڻهن جي واتان ڳالهائيندس، تہ بہ هو منهنجي نہ ٻڌندا. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“

22 انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اڻ‌ڄاتل ٻوليون مسيح تي ايمان رکندڙن لاءِ نہ، پر انهن لاءِ نشان آهن جيڪي ايمان نہ ٿا رکن، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ايمان نہ رکندڙن لاءِ نہ، پر ايمان رکندڙن لاءِ نشان آهي.

23 تنهن هوندي بہ جيڪڏهن سڄي ڪليسيا جا ماڻهو هڪڙي هنڌ گڏ ٿين ۽ سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ۽ ڪي اوپرا ۽ غير ايمان وارا ماڻهو بہ اندر لنگھي اچن تہ ڇا اهي اوهان کي چريو نہ چوندا؟

24 پر جيڪڏهن سڀيئي خدا جو پيغام ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير ايمان وارو يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو پيغام ٻڌي قائل ٿي ويندو تہ هو گنهگار آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو.

25 سندس دل جون لڪل ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو منهن ڀر ڪري خدا آڏو سجدو ڪندو ۽ اقرار ڪندو تہ ”بيشڪ خدا اوهان منجھہ موجود آهي.“


عبادت بابت هدايتون

26 تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.

27 اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ وقت ٻہ يا وڌ ۾ وڌ ٽي ڄڻا واري واري تي ڳالهائين ۽ هڪ ڄڻو سندن ترجمو بہ ڪندو وڃي.

28 پر جيڪڏهن ڪوبہ ترجمو ڪندڙ نہ هجي تہ اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ ڪليسيا ۾ ماٺ ڪري ويهي. هو رڳو دل ۾ خدا سان ڳالهائي.

29 خدا جو پيغام ٻڌائيندڙن مان ٻہ يا ٽي ڳالهائين ۽ ٻيا سندن ڳالهين کي پرکين.

30 انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي مڪاشفو نازل ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي.

31 اهڙيءَ طرح اوهين سڀيئي هڪ هڪ ٿي خدا جو پيغام ٻڌائي سگھو ٿا، تہ جيئن سڀيئي سکي سگھن ۽ سڀني جي همت‌افزائي ٿئي.

32 خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ پنهنجي روحاني نعمت کي انهيءَ ترتيب مطابق ضابطي ۾ رکي سگھن ٿا.

33 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ

34 عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.

35 باقي جيڪڏهن اهي ڪجھہ بہ سکڻ گھرن تہ گھر ۾ پنهنجي پنهنجي مڙس کان پڇن. جڏهن تہ ڪليسيا جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪابہ مداخلت ڪرڻ عورت لاءِ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.

36 اي ڪرنٿيؤ! ڇا خدا جو پيغام اوهان وٽان شروع ٿيو آهي؟ يا اهو رڳو اوهان وٽ ئي پهتو آهي؟

37 جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هو خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ يا ڪا خاص روحاني حيثيت رکندڙ آهي تہ کيس ڄاڻڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي لکان ٿو سو خداوند عيسيٰ جو حڪم آهي.

38 هاڻ جيڪڏهن ڪو اها ڳالهہ نظرانداز ٿو ڪري تہ اهو پاڻ بہ نظرانداز ڪيو ويندو.

39 مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو.

40 پر اهو لازمي آهي تہ سڀيئي ڳالهيون فضيلت ۽ ترتيب سان ڪيون وڃن.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan