1.ڪرنٿين 13 - Muslim Sindhi Bibleمحبت 1 جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان. 2 جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان. 3 جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سڀ مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيان، بلڪ پنهنجي جان بہ جوکي ۾ وجھان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ انهيءَ مان مون کي ڪو فائدو ڪونہ ٿيندو. 4 محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي. 5 محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي. 6 محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي. 7 محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ پورو اعتماد رکي ٿي. محبت پوري اميد رکي ٿي ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي. 8 محبت ڪڏهن ختم نہ ٿي ٿئي، جڏهن تہ خدا جو پيغام ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي، 9 ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڄاڻ اڌوري آهي، ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ ۾ اسين ڪامل نہ آهيون. 10 پر جڏهن ڪامل ايندو تہ اڌورو ختم ٿي ويندو. 11 جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم. 12 ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي. 13 مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان محبت افضل آهي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society