1.ڪرنٿين 11 - Muslim Sindhi Bible1 اوهين منهنجي نقشِقدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِقدم تي هلان ٿو. عبادت ۾ مٿو ڍڪڻ يا نہ ڍڪڻ بابت روايت 2 آءٌ اوهان جي ساراهہ ٿو ڪريان جو اوهين هر معاملي ۾ مون کي ياد ٿا رکو ۽ جيڪي روايتون مون اوهان تائين پهچايون هيون، تن تي اوهين جيئن جو تيئن عمل ڪندا ٿا رهو. 3 هاڻ آءٌ اوهان کي هڪڙي ٻي ڳالهہ سمجھائڻ گھران ٿو تہ هر مرد جو مٿو مسيح آهي، عورت جو مٿو مرد آهي ۽ مسيح جو مٿو خدا آهي. 4 جيڪو مرد پنهنجو مٿو ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو پيغام ٿو ٻڌائي، سو پنهنجي مٿي جي بيحرمتي ٿو ڪري. 5 جيڪا عورت مٿي اگھاڙي دعا ٿي گھري يا خدا جو پيغام ٿي ٻڌائي، سا پنهنجي مٿي جي بيحرمتي ٿي ڪري. اهو ڄڻ تہ سندس مٿي ڪوڙائڻ جي برابر آهي. 6 جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي. 7 مرد کي پنهنجو مٿو نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي صورت ۽ شان آهي، جڏهن تہ عورت مرد جو شان آهي. 8 اهو انهيءَ لاءِ آهي جو شروع ۾ مرد عورت مان نہ، پر عورت مرد مان ٺاهي ويئي هئي، 9 ڇاڪاڻ تہ مرد عورت لاءِ نہ، پر عورت مرد لاءِ خلقي ويئي. 10 سو عورت کي گھرجي تہ هوءَ ملائڪن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو مٿو ڍڪي، جيڪو سندس اختياريءَ جو نشان آهي. 11 تنهن هوندي بہ خداوند عيسيٰ ۾ نہ عورت مرد کان سواءِ آهي، نڪي مرد عورت کان سواءِ، 12 ڇاڪاڻ تہ جيئن عورت مرد مان ٺاهي ويئي آهي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آهي. پر سڀني شين جو ٺاهيندڙ خدا آهي. 13 اوهين پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا اهو مناسب آهي جو خدا جي آڏو عورت اگھاڙي مٿي سان دعا گھري؟ 14 ڇا فطرت خود اوهان کي اهو نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ بيعزتيءَ جي ڳالهہ آهي، 15 جڏهن تہ عورت لاءِ ڊگھا وار سندس عزت آهن؟ ڇاڪاڻ تہ اهي وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن. 16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“ خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري ماني ( متي 26:26-29 ، مرقس 14:22-25 ، لوقا 22:14-20 ) 17 هيٺين ڳالهين ۾ آءٌ اوهان جي ساراهہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. 18 اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آءٌ ٿورو گھڻو يقين بہ ڪريان ٿو تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوهان ۾ ڌڙابندي نظر اچي ٿي 19 ۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ تفرقا بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن. 20 پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو خداوند عيسيٰ جي يادگيريءَ واري مانيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي. 21 هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي ماني کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو. 22 ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ. 23 جيڪا ڳالهہ مون کي خداوند عيسيٰ کان ملي هئي سا مون اڳ ۾ اوهان تائين پهچائي آهي. اها هيءَ آهي تہ جنهن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو، تنهن رات هن ماني کڻي 24 شڪر ڪري اها ڀڳي ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي واسطي آهي. منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 25 اهڙيءَ طرح هن ماني کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“ 26 مطلب تہ جڏهن بہ اوهين هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن اوهين خداوند عيسيٰ جي موت جو اظهار ٿا ڪريو، جيستائين هو موٽي اچي. 27 تنهنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند عيسيٰ جي ماني کائيندو ۽ سندس پيالو پيئندو، سو خداوند عيسيٰ جي بدن ۽ رت جي نسبت ۾ سندس گنهگار قرار ڏنو ويندو. 28 تنهنڪري پهريائين هر ڪو ماڻهو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ انهيءَ مانيءَ مان کائي ۽ انهيءَ پيالي مان پيئي. 29 ياد رکو، جيڪو شخص اها ماني کائڻ ۽ اهو پيالو پيئڻ وقت خداوند عيسيٰ جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انهيءَ کائڻ پيئڻ ۾ گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿو بڻجي. 30 انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن. 31 جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي جاچيون ها تہ اسين گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون ها. 32 پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون. 33 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ هڪٻئي لاءِ ترسو. 34 جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society