1.ڪرنٿين 10 - Muslim Sindhi Bibleتاريخ مان سبق پرائڻ 1 سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان ناواقف رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا. 2 اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي. 3-4 سڀني اها ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اهو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين معجزي طور پئي مليو. مطلب تہ هو سڀيئي انهيءَ روحاني ٽڪر مان پيئندا هئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ هلندو پئي هليو ۽ اهو ٽڪر مسيح هو. 5 تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا. 6 هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي. 7 تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بتپرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“ 8 نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا. 9 نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو. 10 نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا. 11 ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن. 12 تنهنڪري جيڪو پاڻ کي اهڙين ڳالهين تي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار رهي متان ڪري نہ پوي. 13 اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو. بتپرستيءَ ۾ شامل ٿيڻ خلاف چتاءُ 14 تنهنڪري اي عزيزؤ! بتپرستيءَ کان ڀڄو. 15 سمجھدار ماڻهو سمجھي آءٌ اوهان سان ٿو ڳالهايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن کي پرکي ڏسو. 16 جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي خدا جي واکاڻ ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي بدن ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ 17 جيئن تہ ماني هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو بدن آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ مانيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون. 18 يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟ 19 منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪا قرباني بتن تي ڪئي وڃي ٿي سا ڪا حيثيت رکي ٿي يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا. 20 نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو. 21 اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو. 22 ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟ کائڻ پيئڻ سان ٻين کي گمراهہ نہ ڪريو 23 ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب ”سڀ شيون جائز آهن.“ ٺيڪ آهي، پر سڀيئي ترقيءَ جو سبب نہ ٿيون بڻجن. هائو، سڀ شيون جائز تہ آهن، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين. 24 سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري. 25 جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو، 26 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون ئي آهن.“ 27 جيڪڏهن ڪو غير ايمان وارو اوهان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو. 28 پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو. 29 ضمير مان منهنجو مطلب اوهان جو ضمير نہ آهي، پر انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ جو. ڀلا، منهنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو پرکي وڃي؟ 30 جيڪڏهن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنهن شيءِ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي؟ 31 تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو. 32 اوهين ڪنهن جي بہ گمراهہ ٿيڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا خدا جي ڪليسيا. 33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي ڇوٽڪارو ملي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society