Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 8 - Muslim Sindhi Bible


بنيامين جو اولاد ( 8‏:1‏-40 )

1 بنيامين ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: وڏو پٽ بلع، پوءِ اشبيل، اخرخ،

2 نوحہ ۽ رفا.

3 بلع جو اولاد هي هو: ادار، جيرا، ابيهود،

4 ابيسوع، نعمان، اخوح،

5 جيرا، شوفان ۽ حورام.

6-7 اهود جو اولاد هي هو: نعمان، اخياہ ۽ جيرا. اهي جِبع شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا، جن کي مناحت ڏانهن نڪري وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عزا ۽ اخيهود جو پيءُ جيرا کين اوڏانهن وٺي هليو ويو.

8 سحريم کي پنهنجي ٻن زالن حوسيم ۽ بعرام کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ

9 پنهنجي ٽين زال هودس مان موآب ۾ هي پٽ ڄاوا: يوباب، ضبيہ، ميسا، ملڪام،

10 يعوض، سڪياہ ۽ مرمہ. سندس اهي سمورا پٽ پنهنجن گھراڻن جا وڏا بڻيا.

11 انهن کان اڳ ۾ سحريم کي حوسيم مان ابيطوب ۽ الفعل پڻ ڄاوا هئا.

12 الفعل جا پٽ هي هئا: عبر، مشعام ۽ سامد. اونو ۽ لُد شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت سامد ٺهرايا.


(ايالون ۽ جات شهرن ۾ رهندڙ بنياميني)

13 بريعہ ۽ سمعہ ايالون شهر ۾ رهندڙ ڪٽنبن جا وڏا هئا. انهن ڪٽنبن جات جي رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍيو هو.

14 بريعہ جو اولاد هي هو: اخيو، شاشق، يريموت،

15 زبدياہ، عراد، عدر،

16 مڪاايل، اسفاہ ۽ يوحا.


(يروشلم ۾ رهندڙ بنياميني)

17 هي پڻ الفعل جو اولاد هو: زبدياہ، مسلام، حزقي، حبر،

18 يسمري، يزلياہ، يوباب.

19 شمعي جو اولاد هي هو: يقيم، زڪري، زبدي،

20 العيني، ضلتي، الئيل،

21 عداياہ، براياہ ۽ سمرات.

22 شاشق جو اولاد هي هو: اسفان، عبر، اليئل،

23 عبدون، زڪري، حنان،

24 حنانياہ، عيلام، عنتوتيجاہ،

25 يفدياہ ۽ فنوايل.

26 يروحام جو اولاد هي هو: سمسري، شحارياہ، عتالياہ،

27 يعرسياہ، الياہ ۽ زڪري.

28 پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪٽنبن مطابق اهي پنهنجي پنهنجي پيڙهين جا وڏا ۽ مکيہ ماڻهو هئا، جيڪي يروشلم ۾ رهندا هئا.


(سائول جا وڏا ۽ سندس اولاد)
( 1.تواريخ 9‏:36‏-44 )

29 يعي‌ايل جِبعون شهر ٻَڌو ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين. سندس زال جو نالو معڪہ هو.

30 يعي‌ايل جو پهريتو پٽ عبدون هو. سندس ٻيا پٽ هي هئا: صور، قيس، بعل، ندب،

31 جدُور، اخيو، زڪر،

32 ۽ مقلوت جيڪو سماہ جو پيءُ هو. سندن اولاد پنهنجي خاندان جي ڪٽنبن سان گڏ يروشلم ۾ رهندو هو.

33 نير کي قيس نالي پٽ ڄائو ۽ قيس کي سائول ڄائو. سائول کي هي پٽ ڄاوا: يونتن، ملڪيشوع، ابينداب ۽ اشبعل.

34 يونتن کي مريبعل نالي پٽ ڄائو ۽ مريبعل کي ميڪاہ ڄائو.

35 ميڪاہ جا پٽ هي هئا: فيتون، ملڪ، تاريع ۽ اخز.

36 اخز کي يعرہ نالي پٽ ڄائو. يعرہ کي هي پٽ هئا: علمت، عزماوت ۽ زمري. زمريءَ کي موضا نالي پٽ ڄائو.

37 موضا کي بنعہ ڄائو، بنعہ کي رافعہ ڄائو، رافعہ کي اليعسہ ڄائو ۽ اليعسہ کي اصيل ڄائو.

38 اصيل کي ڇهہ پٽ هئا جن جا نالا هي آهن: عزريقام، بوڪرو، اسماعيل، سغرياہ، عبديہ ۽ حنان.

39 اصيل جي ڀاءُ عيشق جا پٽ هي هئا: وڏو پٽ اولام ۽ پوءِ يعوس ۽ اليفلط.

40 اولام جا پٽ بهادر ۽ دلير مرد ۽ تيرانداز هئا، جن کي جملي ڏيڍ سؤ پٽ ۽ پوٽا هئا. اهي سڀ بنيامين قبيلي جا ماڻهو هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan