Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 7 - Muslim Sindhi Bible


اِسڪار جو اولاد

1 اِسڪار ولد يعقوب جا هي چار پٽ هئا: تولع، فووہ، يسوب ۽ شمرون.

2 تولع جا پٽ هي هئا: عزي، رفاياہ، يري‌ايل، يجمي، ابسام ۽ سموئيل. اهي سڀ تولع گھراڻي ۾ پنهنجي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو پنهنجي زماني جا مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ دائود بادشاهہ جي ڏينهن ۾ سندن اولاد جو تعداد ٻاويهہ هزار ڇهہ سو هو.

3 عزيءَ کي ازراخياہ نالي هڪڙو پٽ هو. ازراخياہ کي هي چار پٽ هئا: ميڪائيل، عبديہ، يوايل ۽ يسياہ. ازراخياہ ۽ سندس پٽ پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا هئا.

4 انهن کي گھڻيون ئي زالون ۽ ٻار هئا، انهيءَ ڪري پنهنجين پيڙهين ۽ گھراڻن مان وٽن ڇٽيهہ هزار جنگي مرد هئا.

5 سرڪاري ڪاغذن ۾ اِسڪار قبيلي جي سڀني گھراڻن مان جنگ ڪري سگھڻ وارن جو تعداد ستاسي هزار هو.


بنيامين جو اولاد

6 بنيامين ولد يعقوب جا هي ٽي پٽ هئا: بلع، بڪر ۽ يديعيل.

7 بالع جا پٽ هي هئا: اصبون، عزي، عزي‌ايل، يريموت ۽ عيري، جملي پنج ڄڻا. اهي پنهنجي گھراڻي جي ڪٽنبن جا وڏا هئا. هو مشهور جنگي جوڌا هئا ۽ سندن اولاد جو تعداد، جيڪي جنگ ڪري ٿي سگھيا، ٻاويهہ هزار چوٽيهہ هو.

8 بڪر جا پٽ هي هئا: زميرہ، يوآس، اليعزر، اليوعيني، عمري، يريموت، ابياہ، عنتوت ۽ علامت.

9 اهي پنهنجي گھراڻن جا وڏا هئا ۽ سرڪاري ڪاغذن ۾ سندن اولاد مان جيڪي جنگي جوڌا هئا تن جو تعداد ويهہ هزار ٻہ سؤ هو.

10 يدع‌ايل کي بلحان نالي هڪڙو پٽ هو. بلحان جا پٽ هي هئا: يعوس، بنيامين، اهود، ڪنعانہ، زيتان، ترسيس ۽ اخي‌سحر.

11 هو پنهنجي گھراڻي جي ڪٽنبن جا وڏا هئا ۽ مشهور جنگي جوڌا هئا. سندن اولاد مان جيڪي جنگ ڪري ٿي سگھيا تن جو تعداد سترهن هزار ٻہ سؤ هو.

12 سفيم ۽ حُفيم بہ بنيامين قبيلي مان هئا. دان ولد يعقوب کي حشيم نالي هڪڙو پٽ هو.


دان ۽ نفتاليءَ جو اولاد

13 نفتالي جيڪو يعقوب کي سندس ٻانهي بلهاہ مان هو تنهن جا پٽ هي هئا: يحصي‌ايل، جُوني، يصر ۽ شلوم.


منسيءَ جو اولاد

14 منسيءَ ولد يوسف ولد يعقوب جو اولاد هي هو. اسري‌ايل سندس ارامي سريت مان هو. سندس سريت کي جِلعاد جو پيءُ مڪير پڻ ڄائو.

15 مڪير حفيم ۽ سفيم جي ڀيڻ سان شادي ڪئي، جنهن جو نالو معڪہ هو. مڪير کي هڪ ٻيو پٽ صلافحاد بہ هو، جنهن کي رڳو ڌيئرون هيون.

16 مڪير جي زال معڪہ کي فرس ۽ شرس نالي ٻہ پٽ ڄاوا. فرس کي اولام ۽ رقم نالي پٽ ڄاوا.

17 اولام کي بدان نالي هڪڙو پٽ هو. اهي هئا جِلعاد ولد مڪير ولد منسيءَ جو اولاد.

18 جِلعاد جي ڀيڻ همولڪت کي اشهود، ابيعزر ۽ محلہ ڄاوا.

19 سميدع جا پٽ هي هئا: اخيان، سڪم، لقحي ۽ انيعام.


افرائيم جو اولاد

20 افرائيم ولد يوسف ولد يعقوب جو پيڙهي بہ پيڙهي هي اولاد هو: سوتلح، برد، تحت، اليعدہ، تحت،

21 زبد ۽ سوتلح. افرائيم جا ٻہ ٻيا پٽ عزر ۽ اليعد هئا جن کي جات جي علائقي جي پيدائشي رهاڪن ماري ڇڏيو، جڏهن اهي جات وارن جو چوپايو مال چورائڻ ويا هئا.

22 سندن پيءُ افرائيم انهن لاءِ گھڻن ئي ڏينهن تائين سوڳ ڪيو ۽ سندس مائٽ کيس دلاسو ڏيڻ لاءِ آيا.

23 پوءِ هو پنهنجي زال وٽ ويو تہ اها پيٽ سان ٿي ۽ هڪڙو پٽ ڄڻيائين. انهيءَ جو نالو بريعہ رکيائين، ڇاڪاڻ تہ سندس خاندان ۾ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي.

24 کيس سراہ نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي، جنهن هيٺاهون ۽ مٿاهون بيت‌حورون ۽ عزن‌سراہ تعمير ڪرايا هئا.

25 افرائيم کي رفح نالي پٽ بہ هو، جنهن جو اولاد پيڙهي بہ پيڙهي هي آهي: رسف، تلاح، تحن،

26 لعدان، عميهود، اليسمع،

27 نون، يشوع.

28 جيڪو علائقو هنن قبضي ڪيو ۽ منجھس رهڻ لڳا تنهن ۾ بيت‌ايل ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ هئا. اوڀر طرف اهو علائقو نعران تائين ۽ اولهہ ۾ جزر شهر تائين آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت هو. انهيءَ علائقي ۾ سڪم ۽ عزہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت شامل هئا.

29 بيت‌شان، تعناڪ، مجدو ۽ دور شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت بني منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جي قبضي هيٺ هئا. هي اهي شهر ۽ علائقا آهن جن ۾ يوسف ولد يعقوب جو اولاد رهندو هو.


آشر جو اولاد

30 آشر ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: يمنہ، اِشواہ، اِشوي ۽ بريعاہ. کين سرہ نالي هڪ ڀيڻ هئي.

31 بريعاہ جا پٽ هي هئا: حبر ۽ ملڪي‌ايل. برزاويت شهر جو باني ملڪي‌ايل هو.

32 حبر کي يفليط، سومر ۽ خوٿام نالي ٽي پٽ ۽ سوع نالي هڪڙي ڌيءَ هئي.

33 يفليط جا پٽ هي هئا: فاساڪ، بمهال ۽ عسوات.

34 سومر جا پٽ هي هئا: اخي، روهجہ، يحبہ ۽ ارام.

35 خوٿام جا پٽ هي هئا: صوفح، امنع، سلس ۽ عمل.

36 صوفح جا پٽ هي هئا: سوح، حرنفر، سوعل، بيري، امراہ،

37 بصر، هود، سما، سلسہ، اتران ۽ بيرا.

38 يتر جا پٽ هي هئا: يفنہ، فسفاہ ۽ ارا.

39 عُلہ جا پٽ هي هئا: ارخ، حني‌ايل ۽ رضياہ.

40 اهي سڀ آشر قبيلي ۾ پنهنجي پنهنجي گھراڻي جا وڏا هئا. هو جنگجو ۽ مکيہ اڳواڻ پڻ هئا. آشر جي اولاد ۾ جنگ ڪرڻ جي لائق ماڻهن جو تعداد ڇويهہ هزار هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan