1.تواريخ 4 - Muslim Sindhi Bibleيهوداہ جو اولاد 1 يهوداہ ولد يعقوب جو اولاد هي هئا: فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل. 2 سوبل جي پٽ رياياہ کي يحت نالي پٽ ڄائو. يحت کي اخومي ۽ لاهد نالي پٽ ڄاوا. اهي صرعتين جي گھراڻن جا وڏا هئا. 3-4 ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي اولاد بيتلحم شهر جو بنياد وڌو. حور جا پٽ هي هئا: عيطام، فنوايل ۽ عزر. عيطام جا پٽ هي هئا: يزرعيل، اسمع ۽ ادباس ۽ سندن ڀيڻ جو نالو هضلالفوني هو. فنوايل جدُور شهر جو بنياد وڌو ۽ عزر حوسہ شهر جو بنياد وڌو. 5 تقوع جي باني اشور کي ٻہ زالون حيلاہ ۽ نعراہ هيون. 6 نعراہ مان کيس اخوسام، حفر، تيمني ۽ هخستري نالي پٽ ڄاوا. 7 حيلاہ مان کيس هي پٽ ڄاوا: ضرت، يضوآر ۽ اتنان. 8 قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ نالي پٽ پيدا ٿيا. هو آخرخيل ولد حروم جي گھراڻن جو وڏو هو. 9 يعبيض هڪ اهڙو شخص هو جيڪو پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ عزت وارو هو. سندس ماءُ مٿس يعبيض نالو انهيءَ ڪري رکيو جو چيائين تہ ”مون کيس ڏاڍي ڏک سان ڄڻيو آهي.“ 10 هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي. 11 سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير نالي هڪڙو پٽ هو. محير کي استون نالي پٽ هو. 12 استون کي ٽي پٽ هئا: بيترفا، فاسح ۽ تخنہ. تخنہ عيرنحس شهر جو باني هو. هنن ماڻهن جو اولاد ريڪہ ۾ رهندو هو. 13 قنز جا پٽ غتنيايل ۽ شراياہ هئا. غتنيايل جا پٽ حت ۽ معوناتي هئا. 14 معوناتي کي عفرہ نالي هڪ پٽ هو. شراياہ کي يوآب نالي پٽ ڄائو، جيڪو خراسيم ماٿريءَ جو باني هو. ان کي خراسيم ماٿري انهيءَ ڪري سڏبو هو جو اتان جا ماڻهو هنرمند هئا. 15 ڪالب ولد يفنہ جا پٽ هي هئا: عيرو، ايلہ ۽ نعم. ايلہ کي قنز نالي پٽ هو. 16 يهللئيل جا پٽ هي هئا: زيف، زيفہ، تيرياہ ۽ اسريايل. 17-18 عزرہ جا پٽ هي هئا: يتر، مرد، عفر ۽ يلون. مرد، مصر جي فرعون جي ڌيءَ بتياہ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس مريم نالي هڪ ڌيءَ ۽ سمي ۽ اسباح نالي ٻہ پٽ ڄاوا. اسباح استموع نالي هڪ ڳوٺ جو بنياد وڌو. مرد يهوداہ قبيلي مان پڻ شادي ڪئي جنهن مان کيس يرد، حبر ۽ يقوتيئل ڄاوا. جدُور ڳوٺ جو بنياد يرد وڌو، شوڪو ڳوٺ جو بنياد حبر وڌو ۽ زنوح ڳوٺ جو بنياد يقوتيئل وڌو. 19 هودياہ نحم جي ڀيڻ سان شادي ڪئي. سندن اولاد مان جرمي ۽ معڪات گھراڻا ٿيا. جرمي گھراڻو قعيلہ ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ معڪات گھراڻو استموہ ڳوٺ ۾ رهندو هو. 20 سيمون جا پٽ هي هئا: امينون، رناہ، بنحنان ۽ تيلون. يسعيءَ جا پٽ هي هئا: زوحت ۽ بنزوحت. 21-22 شلاہ ولد يهوداہ جو اولاد هي هو: عير، لعدہ، يوقيم، يوآش، شراف ۽ ڪوزيبا ڳوٺ جا رهاڪو. عير لڪہ ڳوٺ جو باني هو. لعدہ مريسہ ڳوٺ جو باني ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو اڻندڙن جي گھراڻن جو وڏو هو، جيڪي بيتاشبيع جا رهاڪو هئا. يوآش ۽ شراف موآب جا حڪمران بڻيا ۽ پوءِ بيتلحم ۾ آباد ٿي ويا. هي لکتون پراڻي زماني جون آهن. 23 شلاہ جي اولاد مان ڪي ڪنڀر بہ هئا جيڪي نتائيم ۽ گديرا ڳوٺن جا رهاڪو هئا، اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم ڪار لاءِ رهندا هئا. شمعون جو اولاد 24 شمعون ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: نموايل، يمين، يريب، زارح ۽ شائول. 25 شائول جو پٽ سلوم، شائول جو پوٽو مبسام ۽ شائول جو پڙپوٽو مشماع هو. 26 مشماع جو پٽ حموايل، حموايل جو پٽ زڪور ۽ زڪور جو پٽ شمعي. 27 شمعيءَ کي سورهن پٽ ۽ ڇهہ ڌيئرون هيون، پر هن جي ڀائرن کي گھڻو اولاد ڪونہ هو. انهيءَ ڪري سندن سڄو گھراڻو ايترو گھڻو نہ هو جيترو بني يهوداہ جو هو. 28 اهي هنن شهرن ۾ رهندا هئا: بيرسبع، مولادہ، حصرسوعال، 29 بلها، عضم، تولاد، 30 بتوايل، حرماہ، صِقلاج، 31 بيتمرڪوبوت، حصرسوسيم، بيتبرائي ۽ شعريم. دائود بادشاهہ جي دور تائين هو انهن شهرن ۾ رهندا هئا. 32 هنن جي آسپاس وارا ٻيا پنج شهر هي هئا: عيطام، عين، رمون، توڪن ۽ عسن، 33 جن ۾ هو چوڌاري وارن سمورن ڳوٺن سميت ويندي بعل تائين رهندا هئا. اها ئي هنن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي تواريخ آهي جيڪا وٽن هئي. 34-38 هي ماڻهو شمعون قبيلي جي گھراڻن جا وڏا هئا: مسوباب، يمليڪ، يوشہ ولد امضياہ، يوايل، ييهو ولد يوسيبياہ ولد شراياہ ولد عسيئيل، اليوعيني، بعقوبہ، يسوخايہ، عساياہ، عديئيل، يسيمئيل، بناياہ، زيزا ولد شفعي ولد الون ولد يداياہ ولد سمري ولد سمعياہ. هنن جا گھراڻا گھڻو وڌيا ويجھيا، 39 تان جو اهي جدُور شهر تائين پکڙجي ويا ۽ ان واديءَ جي اوڀر طرف تائين پنهنجا ڌڻ چاريندا هئا جنهن ۾ اهو شهر آباد هو. 40 انهن اتي چڱو سرسبز چراگاهہ لڌو جيڪو هڪ وسيع علائقي تائين پکڙيل هو. اهو علائقو امن ۽ سڪون وارو هو. اڳ جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا سي بني حام قبيلي مان هئا. 41 شمعون قبيلي جي انهن ماڻهن يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ اچي بني حام ۽ معونين تي حملو ڪيو ۽ کين رهائشگاهن سميت تباهہ ڪري ڇڏيو. پوءِ هو انهن جي جاءِ تي آباد ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ اتي سندن ڌڻن لاءِ چارو موجود هو. اڄوڪي ڏينهن تائين اتي بني حام ۽ معونين جو ڪو نالو نشان ڪونہ آهي. 42 شمعون قبيلي جا ٻيا پنج سو ماڻهو سعير جبلن ڏانهن هليا ويا، جن جي اڳواڻي يسيءَ جي هنن پٽن ڪئي: فلطياہ، نعرياہ، رفاياہ ۽ عزيايل. 43 تڏهن جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري هو پاڻ اتي رهڻ لڳا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا پيا اچن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society