1.تواريخ 3 - Muslim Sindhi Bibleبادشاهہ دائود جو اولاد 1 دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا سي هي هئا. پهريون پٽ امنون جيڪو کيس اخينوعم يزرعيليءَ مان ڄائو. ٻيو دانيال جيڪو کيس ابيجيل ڪرمليءَ مان ڄائو. 2 ٽيون ابيسلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو. 3 پنجون، سفطياہ جيڪو کيس ابيطال مان ڄائو ۽ ڇهون، اترعام جيڪو کيس عجلاہ مان ڄائو. 4 اهي ڇهہ ئي پٽ دائود کي حبرون ۾ ڄاوا، جتي هن ساڍا ست سال حڪمراني ڪئي. دائود يروشلم ۾ ٽيٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. 5 يروشلم ۾ کيس هي ٻار ڄاوا: سمعي، سوباب، ناتن ۽ سليمان. اهي چار ئي ڄڻا کيس عميايل جي ڌيءَ بتسبع مان ڄاوا. 6 دائود جا ٻيا جملي نَو پٽ هي هئا: ابحار، اليسمع، اليفالط، 7 نجہ، نفج، يفيع، 8 اليسمع، اليدع، اليفلط. 9 انهن کان علاوہ دائود کي سندس سريتن مان بہ پٽ ڄاوا. کيس تمر نالي هڪڙي ڌيءَ بہ هئي. بادشاهہ سليمان جو اولاد 10 سليمان کان وٺي سلسلو هن ريت آهي: سليمان، رحبعام، ابياہ، آسا، يهوسفط، 11 يهورام، اخزياہ، يوآس، 12 امصياہ، عزرياہ، يوتام، 13 آخز، حزقياہ، منسي، 14 امُون ۽ يوسياہ. 15 يوسياہ جا هي چار پٽ هئا: يوحنان، يهويقيم، صدقياہ ۽ يهوآخز. 16 يهويقيم جا پٽ يهوياڪين ۽ صدقياہ هئا. بادشاهہ يهوياڪين جو اولاد 17 يهوياڪين، جيڪو بابل ڏانهن قيد ٿي ويو هو تنهن جا پٽ هي هئا: سيالتيايل، 18 ملڪرام، فداياہ، شيناضر، يقمياہ، هوسمع ۽ ندبياہ. 19 فداياہ جا پٽ زربابل ۽ شمعي هئا. زربابل جا پٽ مسلام ۽ حنانياہ هئا ۽ سلوميت سندن ڀيڻ هئي. 20 زربابل جا ٻيا جملي پنج پٽ هي هئا: حسوبہ، اهل، برڪياہ، حسدياہ ۽ يوسبحسد. 21 حنانياہ جا پٽ هي هئا: فلطياہ، يسعياہ، رفاياہ، ارنان، عبدياہ ۽ سڪنياہ. 22 سڪنياہ کي سمعياہ نالي هڪڙو پٽ هو. سمعياہ جا هي پنج پٽ هئا: حطوش، اجال، بريح، نعرياہ ۽ سافطہ. 23 نعرياہ جا هي ٽي پٽ هئا: اليوعيني، حزيقياہ ۽ عزريقام. 24 اليوعيني جا هي ست پٽ هئا: هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ ۽ عناني. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society