Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 29 - Muslim Sindhi Bible


هيڪل جي تعمير لاءِ نذرانا

1 دائود بادشاهہ سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان، جنهن کي ئي خدا چونڊيو آهي سو اڃا نوجوان ۽ ناتجربيڪار آهي ۽ ڪم تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هيڪل انسان لاءِ نہ آهي پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.

2 سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.

3 انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.

4 مون هڪ لک ڪلوگرام کان وڌيڪ عمدو سون ڏنو آهي ۽ ٻہ لک چاليهہ هزار ڪلوگرام خالص چاندي ڏني اٿم جن سان هيڪل جي ڀتين کي مڙهيو ويندو،

5 مطلب تہ ڪاريگرن جي هر ڪنهن قسم جي ڪم لاءِ سون جي شين واسطي سون ۽ چاندي جي شين واسطي چاندي مون ڏني آهي. سو هاڻ اوهان مان ڪير آهن جيڪي اڄ دل کولي خدواند اڳيان نذرانو پيش ڪندا؟“

6 تڏهن بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن، گھراڻن جي وڏن، فوجي سالارن ۽ بادشاهي ڪم ڪار جي نگرانن رضا خوشيءَ سان نذرانا ڏنا.

7 هنن هيڪل جي ڪم لاءِ هڪ لک ستر هزار ڪلوگرام کان وڌيڪ سون، ٽي لک پنجيتاليهہ هزار ڪلوگرام چاندي، ڇهہ لک ڏهہ هزار ڪلوگرام پتل ۽ چوٽيهہ لک پنجاهہ هزار ڪلوگرام لوهہ ڏنو.

8 جن وٽ هيرا جواهر هئا تن اهي يحي‌ايل جيرشونيءَ جي هٿ ۾ هيڪل جي خزاني لاءِ ڏنا.

9 تڏهن پنهنجي اڳواڻن جي رضامنديءَ سان نذرانا ڏيڻ تي ماڻهن خوشيون ڪيون، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي پوريءَ دل ۽ رضا خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ ڏنو. دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


دائود جي دعا

10 دائود سڄيءَ قوم جي اڳيان خداوند جي واکاڻ ڪندي چيو تہ ”اي خداوند، اسان جي پيءُ يعقوب جا خدا! ازل کان ابد تائين تنهنجي واکاڻ هجي.

11 اي خداوند! عظمت، قدرت ۽ جلال وارو، ۽ شان وَ شوڪت ۽ حشمت وارو تون ئي آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند! تنهنجي ئي بادشاهي آهي ۽ تون ئي سڀني حاڪمن جو بہ حاڪم آهين.

12 دولت ۽ عزت تو وٽان ئي ملندڙ آهن. هر شيءِ تي تنهنجو حڪم هلندڙ آهي. تنهنجي هٿ ۾ قدرت ۽ طاقت آهي. سرفراز ڪرڻ ۽ طاقت بخشڻ تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.

13 هاڻ اي اسان جا خدا! اسين تنهنجو شڪر ڪريون ٿا ۽ تنهنجي عظمت واري نالي جي واکاڻ ڪريون ٿا.

14 آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي قوم ڪير آهي جو اسين هيترو سارو نذرانو ڏيئي سگھون؟ هر ڪا شيءِ تو وٽان ئي ملي ٿي ۽ تو کان ئي مليل شين مان اسان تو کي ڏنو آهي.

15 بيشڪ، اسين تنهنجي نظر ۾ مهمان ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا. اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، جيڪا هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي.

16 اي خداوند! اسان جا خدا، هي سڄو انبار جيڪو اسان لڳايو آهي تہ تنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪريون، سو تو وٽان ئي مليو آهي ۽ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ئي آهي.

17 اي منهنجا خدا! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون دلين کي جاچيندو آهين ۽ سچائيءَ مان خوش ٿيندو آهين. هي سڀ شيون مون رضا خوشيءَ سان ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڏنيون آهن. هاڻ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ تنهنجي قوم، جيڪا هتي حاضر آهي تنهن ڪيئن نہ تنهنجي حضور ۾ رضا خوشيءَ سان نذرانا آندا آهن.

18 اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جا خدا! پنهنجي قوم جي دل ۾ اها خواهش هميشہ لاءِ ڄمائي رک ۽ انهن جي دلين کي پاڻ ڏانهن وفادار رک.

19 منهنجي پٽ سليمان کي دلي چاهہ عطا ڪر تہ هو تنهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪري ۽ انهيءَ هيڪل کي مڪمل ڪري جنهن جي لاءِ مون پوري تياري ڪئي آهي.“

20 پوءِ دائود سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪريو.“ سو انهن سڀني خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واکاڻ ڪئي. پوءِ هنن جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ بادشاهہ جي تعظيم ڪئي.


سليمان جو بادشاهہ بڻجڻ

21 ٻئي ڏينهن هنن خداوند جي لاءِ جانور ذبح ڪري قربانيءَ طور پيش ڪيا. هنن ساڙڻ وارين قربانين طور هي پيش ڪيا: هڪ هزار ڏاند، هڪ هزار گھٽا ۽ هڪ هزار گھيٽا. اهي قربانيون اوتڻ وارين قربانين سميت ڏنائون. هنن ٻيا بہ گھڻا ئي جانور قربانيءَ طور ذبح ڪري بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي کائڻ لاءِ پيش ڪيا.

22 هنن انهيءَ ڏينهن خداوند جي حضور ۾ وڏي خوشيءَ سان کاڌو پيتو. پوءِ هنن ٻيهر دائود جي پٽ سليمان کي خداوند جي حضور ۾ مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو. هنن صدوق کي پڻ مسح ڪري ڪاهن مقرر ڪيو.

23 سو سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ٿي ويٺو. هو بخت ۾ وڌندو ويو ۽ سڄو بني اسرائيل سندس فرمانبردار ٿيو.

24 سڀني اڳواڻن، فوجي سالارن ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني پٽن سندس اطاعت جو عهد ڪيو.

25 خداوند سڄي بني اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان جو مان مٿاهون ڪيو ۽ کيس اهڙي شاهاڻي حشمت بخشيائين، جهڙي کانئس اڳي بني اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿي هئي.


دائود جي وفات

26 دائود ولد يسيءَ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي.

27 هن بني اسرائيل تي جملي چاليهہ سال بادشاهي ڪئي، جن مان ست سال حبرون ۾ رهي ۽ ٽيٽيهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪيائين.

28 جڏهن هن وفات ڪئي تڏهن هو تمام پوڙهو هو. هن وڏي ڄمار، دولت ۽ عزت ماڻي. هن بعد سندس پٽ سليمان تخت‌نشين ٿيو.

29 دائود بادشاهہ جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون، شروع کان وٺي آخر تائين، سڀيئي سموئيل، ناتن ۽ جاد، ٽنهي نبين جي تواريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.

30 انهن لکتن مان خبر پوي ٿي تہ هن ڪيئن حڪومت ڪئي ۽ هو ڪيڏو نہ طاقتور هو. جيڪي ڪجھہ هن سان، بني اسرائيل سان ۽ آس‌پاس جي بادشاهتن سان ٿي گذريو تنهن جو پڻ پتو پوي ٿو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan