1.تواريخ 25 - Muslim Sindhi Bibleهيڪل جا ڳائڻا 1 دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي: 2 آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسريلاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا. 3 يدوتون سان گڏ سندس ڇهہ پٽ جِدلياہ، ضري، يسعياہ، سمعي، حسبياہ ۽ متتياہ هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ يدوتون جي نگرانيءَ هيٺ سارنگيون وڄائيندي خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان سندس ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا. 4 هيمان سان گڏ سندس چوڏهن پٽ بقياہ، متنياہ، عزيايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتيعزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت هئا. 5 سندن پيءُ هيمان بادشاهہ جو غيبدان هو. خدا پنهنجي واعدي موجب کيس وڌائڻ لاءِ چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون. 6 اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا. 7 اهي چوويهہ ئي ڄڻا ڳائڻ وڄائڻ جا ماهر هئا ۽ انهن سان گڏ ٻيا لاوي سکيا ورتل سازندا پڻ هئا، جيڪي جملي ٻہ سؤ اٺاسي ڄڻا هئا. 8 انهن کي پڻ ننڍ وڏائيءَ توڙي استادي شاگرديءَ جي فرق کان سواءِ ڪڻا وجھي خدمت لاءِ چونڊيو ويو. 9 اهي ٻہ سؤ اٺاسي ماڻهو پنهنجي گھراڻن مطابق چوويهن ٽولن ۾ ورهايا ويا، هر ٽولي ۾ ٻارهن ٻارهن ڄڻا شامل هئا. انهن جي ذميواريءَ جي ترتيب موجب سندن اڳواڻ هي هئا: پهرئين ٽولي جو اڳواڻ آسف جي گھراڻي مان يوسف هو، ٻئي ٽولي جو اڳواڻ جِدلياہ هو، 10 ٽئين ٽولي جو اڳواڻ زڪور هو، 11 چوٿين ٽولي جو اڳواڻ ضري هو، 12 پنجين ٽولي جو اڳواڻ نتنياہ هو، 13 ڇهين ٽولي جو اڳواڻ بقياہ هو، 14 ستين ٽولي جو اڳواڻ يسريلاہ هو، 15 اٺين ٽولي جو اڳواڻ يسعياہ هو، 16 نائين ٽولي جو اڳواڻ متنياہ هو، 17 ڏهين ٽولي جو اڳواڻ شمعي هو، 18 يارهين ٽولي جو اڳواڻ عزيايل هو، 19 ٻارهين ٽولي جو اڳواڻ حسبياہ هو، 20 تيرهين ٽولي جو اڳواڻ سبوايل هو، 21 چوڏهين ٽولي جو اڳواڻ متتياہ هو، 22 پندرهين ٽولي جو اڳواڻ يريموت هو، 23 سورهين ٽولي جو اڳواڻ حنانياہ هو، 24 سترهين ٽولي جو اڳواڻ يسبقاشہ هو، 25 ارڙهين ٽولي جو اڳواڻ حناني هو، 26 اوڻيهين ٽولي جو اڳواڻ ملوتي هو، 27 ويهين ٽولي جو اڳواڻ الياتہ هو، 28 ايڪيهين ٽولي جو اڳواڻ هوتير هو، 29 ٻاويهين ٽولي جو اڳواڻ جدالتي هو، 30 ٽيويهين ٽولي جو اڳواڻ محازيوت هو 31 ۽ چوويهين ٽولي جو اڳواڻ روممتيعزر هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society