1.تواريخ 20 - Muslim Sindhi Bibleربہ شهر تي دائود جو قبضو ( 2.سموئيل 12:26-31 ) 1 بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن تن ڏينهن ۾ يوآب لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي بني عمون جي ملڪ تي حملو ڪيائين. دائود بادشاهہ پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو. هنن وڃي انهيءَ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ربہ کي گھيري هيٺ آندو ۽ ان کي تباهہ ڪري ڇڏيائون. 2 ان مهل دائود بہ آيل هو ۽ هن عمونين جي ديوتا مولڪ جي مٿي تان سونو تاج لاهي ورتو، جنهن جو وزن چوٽيهہ ڪلوگرام هو ۽ انهيءَ ۾ هڪ قيمتي هيرو جڙيل هو. اهو هيرو دائود جي تاج ۾ لڳايو ويو. هن شهر مان تمام گھڻو لُٽ جو مال پڻ هٿ ڪيو. 3 انهيءَ شهر ۾ جيڪي ماڻهو هئا، تن کي هن ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهہ جي ڏاندارين ۽ ڪهاڙين جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو. دائود بني عمون جي سڀني شهرن سان ائين ئي ڪيو. پوءِ دائود پنهنجي سڄي لشڪر سميت يروشلم ۾ موٽي آيو. فلستين سان جنگ ( 2.سموئيل 21:15-22 ) 4 ڪجھہ وقت کان پوءِ جزر شهر وٽ ٻيهر فلستين سان جنگ ڇڙي ويئي. سبڪي حوساتيءَ جڏهن سفيءَ نالي هڪڙي راڪاس جهڙي طاقتور شخص کي قتل ڪيو، تڏهن فلستين کي شڪست ملي. 5 فلستين سان هڪڙي ٻي جنگ ۾ الحنان ولد يعور هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو جنهن جو نالو لحمي هو، جيڪو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو ۽ هن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ جهڙو هو. 6 ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستي جوانن مان هو. 7 جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. 8 جات جا رهندڙ اهي ٽي ماڻهو جيڪي دائود ۽ سندس ماڻهن هٿان مارجي ويا، سي راڪاسن جهڙا طاقتور هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society