Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 18 - Muslim Sindhi Bible


دائود جون فوجي فتحون
( 2.سموئيل 8‏:1‏-18 )

1 ڪجھہ وقت کان پوءِ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو ۽ جات شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت فلستين کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين.

2 دائود موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ اهي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.

3 انهيءَ کان سواءِ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر تي حمات جي ويجھو حملو ڪيو، جيڪو فرات نديءَ پاسي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو.

4 دائود ان جون هڪ هزار جنگي گھوڙي گاڏيون، ست هزار گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا سپاهي پڪڙي هٿ ڪيا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين جي گھوڙن کان سواءِ ٻين سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيو.

5 جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي مدد ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماري وڌا.

6 پوءِ هن انهن جي علائقي ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ اهي سندس ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

7 هددعزر جي عملدارن جيڪي سون جون ڍالون آنديون هيون، سي دائود يروشلم ۾ کڻي آيو.

8 هددعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪُون مان دائود تمام گھڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن مان بعد ۾ سليمان هيڪل لاءِ پلٽيل وڏو حوض، ٿنڀا ۽ ٿانوَ ٺهرايا.

9 جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي سڄيءَ فوج کي شڪست ڏني آهي،

10 تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ هر قسم جا سون، چانديءَ ۽ پتل جا ٿانوَ کڻي آيو.

11 اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.

12 ابي‌شي، جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو تنهن ارڙهن هزار ادومي ڪلر واري ماٿريءَ ۾ ماري وڌا.

13 هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي سندس تابعدار ٿي پيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

14 دائود پنهنجي سڄي قوم بني اسرائيل تي عدل ۽ انصاف سان بادشاهي ڪئي.

15 يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.

16 صدوق ولد اخيطوب ۽ ابيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا، شراياہ شاهي محرر هو،

17 بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan