Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 14 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم ۾ دائود جون سرگرميون
( 2.سموئيل 5‏:11‏-16 )

1 صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن ڪجھہ قاصد موڪليا. هن دائود ڏانهن ديال جو ڪاٺ، رازا ۽ واڍا پڻ موڪليا، تہ جيئن هن لاءِ هڪ محل تعمير ڪن.

2 دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.

3 يروشلم ۾ دائود وڌيڪ زالون پرڻيو ۽ کيس گھڻا ئي پٽ ۽ ڌيئرون پيدا ٿيون.

4 يروشلم ۾ جيڪي ٻار کيس پيدا ٿيا تن جا نالا هي آهن: سموعہ، سوباب، ناتن، سليمان،

5 ابحار، السوع، اليفالط،

6 نجہ، نفج، يفيعہ،

7 اليسمع، بعليدع ۽ اليفلط.


دائود جي فلستين تي فتح
( 2.سموئيل 5‏:17‏-25 )

8 جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن سڀ جو سڀ فلستي دائود کي پڪڙڻ لاءِ نڪري پيا. سو دائود اهو ٻڌي انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ نڪري پيو.

9 فلستي اچي رفائين ماٿريءَ ۾ پهتا ۽ ڦرلُٽ شروع ڪري ڏنائون.

10 تڏهن دائود خدا کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ فلستين تي حملو ڪريان؟ ڇا تون مون کي مٿن فتح ڏيندين؟“ خداوند کيس وراڻيو تہ ”وڃ مٿن حملو ڪر، آءٌ تو کي انهن تي فتح ڏيندس.“

11 سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ”خداوند منهنجي دشمنن کي منهنجي هٿان ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.

12 فلستي پنهنجا بت اتي ئي ڇڏي ڀڄي ويا، سو دائود حڪم ڏنو تہ اهي سڀيئي بت ساڙيا وڃن.

13 ڪجھہ وقت کان پوءِ فلستين انهيءَ ماٿريءَ ۾ وري اچي ٻيو ڀيرو ڦر شروع ڪئي.

14 سو دائود جي خدا کان وري پڇڻ تي خدا کيس چيو تہ ”تون هنن ڏانهن هتان سڌو نہ وڃ، بلڪ ڦِري ٻئي پاسي کان توتن جي وڻن وٽان مٿن حملو ڪر.

15 پر جڏهن تون توتن جي وڻن جي چوٽين تي قدمن جو آواز ٻڌين، تڏهن ئي تون حملو ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ وقت آءٌ تنهنجي اڳيان فلستين جي لشڪر کي مارڻ لاءِ نڪري ايندس.“

16 سو دائود ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو، اهڙيءَ طرح هو فلستين جي لشڪر کي جِبع کان وٺي جزر تائين ماريندو ويو.

17 پوءِ تہ سڀني ملڪن ۾ دائود مشهور ٿي ويو ۽ خداوند هر قوم جي دل ۾ هن جو خوف وجھي ڇڏيو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan