Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 13 - Muslim Sindhi Bible


عهد واري صندوق آڻڻ لاءِ ڪوشش
( 2.سموئيل 6‏:1‏-11 )

1 دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.

2 پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.

3 پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“

4 جيئن تہ اها ڳالهہ سڀني کي چڱي نظر آئي، تنهنڪري انهن وراڻيو تہ ”اسين ائين ئي ڪنداسين.“

5 پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريت‌يعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.

6 دائود بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سميت بعلہ يعني يهوداہ جي قريت‌يعريم شهر ڏانهن خداوند خدا جي عهد واري صندوق انهيءَ ڪري کڻي اچڻ لاءِ ويو، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي نالي سان سڏبي آهي ۽ انهيءَ تي پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ هو تخت‌نشين آهي.

7 هنن خدا جي عهد واري صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ تي رکي ابينداب جي گھر مان ڪڍي آندي ۽ عُزہ ۽ اخيو اُها گاڏي ڪاهي،

8 جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.

9 جڏهن هو ڪيدون جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ پهتا، تڏهن عُزہ هٿ ڊگھو ڪري صندوق کي جھليو، ڇاڪاڻ تہ ڏاندن ٿاٻو کاڌو.

10 تڏهن خداوند جي ڪاوڙ عُزہ تي اچي ڪڙڪي ۽ صندوق کي هٿ لائڻ جي ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.

11 سو دائود سخت ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو غضب عُزہ تي اچي ڪڙڪيو هو. پوءِ انهيءَ هنڌ جو نالو پرض‌عُزہ پئجي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.

12 دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڏاڍو ڊنو ۽ چيائين تہ ”هاڻ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي عهد واري صندوق پاڻ سان کڻي وڃان؟“

13 تنهنڪري دائود اها صندوق پنهنجي شهر يروشلم ڏانهن نہ کڻي ويو، پر اُها کڻائي عوبيدادوم جاتيءَ جي گھر ۾ رکايائين.

14 اهڙيءَ طرح خدا جي عهد واري صندوق عوبيدادوم جي گھر ۾ ٽي مهينا رهي. خداوند عوبيدادوم جي سڄي ڪٽنب ۽ سموري مال ملڪيت ۾ گھڻي برڪت وڌي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan