Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 12 - Muslim Sindhi Bible


دائود جا پهريان ساٿي

1 جڏهن دائود، سائول ولد قيس کان ڀڄي وڃي صِقلاج ۾ لڪي رهندو هو، تڏهن ڪجھہ ماڻهو اچي ساڻس شامل ٿيا هئا. اهي جنگي جوڌا هئا، جن اچي جنگ ۾ سندس مدد ڪئي.

2 هنن جو تعلق بہ سائول واري بنيامين قبيلي سان هو. هو ساڄي يا کاٻي هٿ سان تير ۽ کانڀاڻيءَ سان پٿرن هڻڻ ۾ بہ ماهر هئا.

3 انهن جوڌن جا سالار سماعہ جِبعاتيءَ جا پٽ اخيعزر ۽ يوآس هئا. اهي جوڌا هي هئا: عزماوت جا پٽ يزئيل ۽ فلط، تن کان علاوہ براڪ ۽ ييهو عنتوتي،

4 اسماعيہ جِبعوني، جيڪو ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ هڪ ناليوارو بهادر هو ۽ انهيءَ ٽولي جي وڏن مان هڪ هو، ان کان علاوہ يرميہ، يحزيئيل، يوحنان ۽ يوزباد جيڪي جديراتي هئا،

5 العوزي، يريموت، بعلياہ، سمرياہ ۽ سفطياہ جيڪي خروفي هئا،

6 القانہ، يسياہ، عزرايل، يوعزر ۽ يسوبعام جيڪي قورحي هئا،

7 يوعيلہ ۽ زبدياہ، جيڪي جدُور جي رهاڪو يروحام جا پٽ هئا.


دائود جا جد قبيلي وارا ساٿي

8 بيابان واري قلعي ۾ جد قبيلي جا جيڪي مشهور ۽ تجربيڪار سپاهي دائود سان اچي شامل ٿيا هئا ۽ جيڪي ڍال ۽ نيزي جا ماهر، ڏسڻ ۾ شينهن وانگر ڪَرڙا ۽ ڊوڙڻ ۾ جابلو هرڻ وانگر تکا هئا،

9 سي پنهنجي عهدن موجب هن ترتيب سان هئا: پهريون عزر، ٻيو عبدياہ، ٽيون الياب،

10 چوٿون مسمنہ، پنجون يرميہ،

11 ڇهون عتي، ستون الي‌ايل،

12 اٺون يوحنان، نائون الزباد،

13 ڏهون يرميہ ۽ يارهون مڪباني.

14 جد قبيلي جا اهي ماڻهو لشڪر جا سالار هئا، جن مان وڏي ۾ وڏا هزارن جا ۽ ننڍي ۾ ننڍا سوَن جا سالار هئا.

15 هي اُهي ئي هئا جيڪي سال جي پهرئين مهيني ۾ جڏهن اردن درياءُ ڪنارن کان اٿلي پيو هو، تڏهن هو درياءُ پار ڪري ويا هئا ۽ ماٿرين ۾ رهندڙن کي اوڀر ۽ اولهہ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو هئائون.


دائود جا بنيامين ۽ يهوداہ قبيلي وارا ساٿي

16 بنيامين ۽ يهوداہ قبيلن جا ڪجھہ ماڻهو قلعي ۾ دائود وٽ آيا.

17 تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“

18 عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


دائود جا منسي قبيلي وارا ساٿي

19 جڏهن دائود فلستين سان گڏجي بادشاهہ سائول سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، تڏهن منسيءَ قبيلي جا ڪجھہ سپاهي پڻ دائود جي طرف هليا ويا. حقيقت ۾ دائود ۽ سندس ساٿين فلستين کي ڪابہ مدد ڪانہ ڏني، ڇو تہ فلستين جي سردارن صلاح مشوري کان پوءِ دائود کي موٽائي ڇڏيو هو. هنن سوچيو تہ ”جيڪڏهن هو وڃي پنهنجي مالڪ سائول سان شامل ٿيو تہ پوءِ اسان جي سِرن کي خطرو آهي.“

20 جڏهن دائود صِقلاج ڏانهن موٽي ويو، تڏهن منسيءَ قبيلي مان هي ماڻهو هن سان شامل ٿيا: عدنہ، يوزباد، يديع‌ايل، ميڪاايل، يوزباد، اليهو ۽ ضلتي. هي منسيءَ قبيلي ۾ هزارن جي ٽولن جي مٿان سالار مقرر هئا.

21 انهن ماڻهن حملو ڪندڙن جي ٽولن سان وڙهڻ ۾ دائود جي مدد ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو سڀ بهادر مرد ۽ سندس لشڪر جا سالار هئا.

22 تڏهن روز بروز دائود جي لشڪر ۾ ماڻهو شامل ٿيندا ويا، ايتري قدر جو دائود جو لشڪر تمام وڏو ٿي ويو.


حبرون ۾ دائود جو لشڪر

23 جڏهن دائود حبرون ۾ هو، تڏهن گھڻن ئي تجربيڪار سپاهين سندس لشڪر ۾ شموليت اختيار ڪئي، تہ جيئن سائول جي جاءِ تي خداوند جي واعدي موجب کيس بادشاهہ مقرر ڪن. سندن تعداد هن طرح هو:

24 بني يهوداہ جا ڇهہ هزار اٺ سؤ جنگي جوڌا، نيزن ۽ ڍالن سان مسلح،

25 بني شمعون جا ست هزار هڪ سؤ،

26 بني لاويءَ جا چار هزار ڇهہ سؤ،

27 هارون جي گھراڻي مان سالار يهويدع ۽ سندس ٽي هزار ست سؤ ساٿي،

28 صدوق نالي هڪ دلير جوان مرد پنهنجي گھراڻي جي ٻاويهن سالارن سميت،

29 سائول جي قبيلي بني بنيامين جا ٽي هزار، جيتوڻيڪ ان وقت تائين بني بنيامين قبيلي جا گھڻا ماڻهو سائول جا وفادار هئا،

30 بني افرائيم جا ويهہ هزار اٺ سؤ، جيڪي پنهنجي گھراڻي ۾ ناليوارا هئا،

31 منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي جا ارڙهن هزار، جيڪي چونڊي ڪڍيا ويا تہ وڃي دائود کي بادشاهہ بڻائين،

32 بني اِسڪار جا ٻہ سؤ سالار، انهن ماڻهن سميت جيڪي سندن حڪم هيٺ هئا. هنن سالارن ڄاتو پئي تہ بني اسرائيل کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي،

33 بني زبولون جا پنجاهہ هزار وفادار ۽ بااعتماد جنگي جوڌا، جن کي هر هٿيار جي استعمال جي سکيا مليل هئي،

34 بني نفتاليءَ جا هڪ هزار سالار، جن سان گڏ ستٽيهہ هزار ڍالن ۽ نيزن سان مسلح جوان هئا،

35 بني دان جا اٺاويهہ هزار ڇهہ سؤ تجربيڪار جنگي جوان،

36 بني آشر جا چاليهہ هزار

37 ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي جا هڪ لک ويهہ هزار جنگي جوڌا، جيڪي هر قسم جي هٿيار هلائڻ جا ماهر هئا.

38 اهي سڀ جنگي جوڌا هئا جيڪي رضا خوشيءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي شامل ٿيا هئا. هو پڪي ارادي سان حبرون ۾ آيا تہ جيئن دائود کي سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻائين. بني اسرائيل جا باقي ٻيا ماڻهو بہ دائود کي بادشاهہ بڻائڻ لاءِ متفق هئا.

39 اُهي اتي ٽي ڏينهن دائود سان رهيا ۽ کاڌائون پيتائون، جنهن جو سندن هم‌وطنن بندوبست ڪري ڇڏيو هو.

40 ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan