1.تواريخ 11 - Muslim Sindhi Bibleدائود جو بادشاهہ بڻجڻ ( 2.سموئيل 5:1-3 ) 1 بني اسرائيل جا ماڻهو حبرون ۾ دائود وٽ اچي گڏ ٿيا ۽ کيس چيائون تہ ”اسين اوهان جو هڏ رت آهيون. 2 گذريل ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سائول بادشاهہ هو، تہ بہ اوهين ئي هئا جيڪي جنگ ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندا هئا. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اوهان کي چيو هو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ سندن بادشاهہ ٿيندين.‘“ 3 تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، جيئن خداوند سموئيل جي معرفت واعدو ڪيو هو. دائود جو يروشلم کي فتح ڪرڻ ( 2.سموئيل 5:6-10 ) 4 پوءِ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو يروشلم تي حملو ڪرڻ لاءِ ويا، جنهن کي يبوس سڏبو هو ۽ يبوسي اتي جا ئي رهاڪو هئا. 5 يبوس جي رهاڪن دائود کي چيو تہ ”تون شهر ۾ هرگز داخل نہ ٿيندين.“ انهيءَ هوندي بہ دائود صيئون جو مضبوط قلعو يعني يروشلم قبضي ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو. 6 دائود چيو هو تہ ”جنهن بہ سڀ کان پهريان يبوسين تي حملو ڪري کين ماري وڌو سو ئي لشڪر جو سپهہ سالار ٿيندو.“ تڏهن يوآب جيڪو دائود جي ڀيڻ ضروياہ جو پٽ هو، تنهن پهريائين ڪاهہ ڪئي هئي، تنهنڪري هو ئي لشڪر جو سپهہ سالار بڻايو ويو. 7 پوءِ دائود ان قلعي ۾ رهڻ لڳو، تنهنڪري اهو ”دائود جو شهر“ سڏجڻ لڳو. 8 هن اهو شهر دڙي جي چوڌاري ڀت تائين وڌائي ٺهرايو ۽ باقي شهر جي مرمت يوآب ڪرائي. 9 دائود وڌندو ۽ زور وٺندو ويو، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق خداوند ساڻس هو. دائود جا ناليوارا سپاهي ( 2.سموئيل 23:8-39 ) 10 دائود جا اُهي ناليوارا سپاهي جن بني اسرائيل جي ٻين سڀني ماڻهن سان گڏجي دائود جي مدد ڪئي تہ جيئن کيس بادشاهہ بڻائين، جهڙيءَ طرح خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو، سي هي آهن. 11 پهريون ناليوارو سپاهي يسوبعام حڪموني هو، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ جو سالار هو. انهيءَ ٽي سؤ ماڻهن تي پنهنجو نيزو هلائيندي هڪڙي ئي حملي ۾ سڀني کي ماري وڌو. 12 انهيءَ کان پوءِ اليعزر ولد دودو اخوحي هو، جيڪو ”ٽن جو ٽولو“ ناليوارن مان هڪ هو. 13 هو فسدميم ۾ فلستين سان دائود جي طرفان وڙهيو. جڏهن بني اسرائيل جي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پيئي تڏهن هو جَوَن جي پوک ۾ هو. 14 پر هو ۽ سندن ٻيا ساٿي ميدان جي وچ ۾ ڄمي فلستين سان وڙهندا رهيا. هنن فلستين کي ماريو ۽ خداوند کين وڏي سوڀ ڏني. 15 هڪ ڏينهن ٽيهن بهادرن مان اهي ٽي ڄڻا ٽڪريءَ ڏانهن عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو هڪ جٿو رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙيو رهيو پيو هو. 16 تنهن وقت دائود قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو ۽ فلستين جي ٽولي بيتلحم تي قبضو ڪري چڪي هئي. 17 تڏهن دائود وطن جي سڪ مان آهہ ڀريندي چيو تہ ”ڪاش! ڪو ماڻهو بيتلحم واري کوهہ مان، جيڪو ٻاهرئين دروازي وٽ آهي، مون کي پيئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏئي تہ ڪيڏي نہ چڱي ڳالهہ ٿئي.“ 18 تڏهن اهي ٽيئي ناليوارا سپاهي فلستين جي لشڪرگاهہ منجھان هوشياريءَ سان گذري ويا ۽ بيتلحم جي ٻاهرئين دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو، بلڪ خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين. 19 پاڻي هاريندي دائود چيو تہ ”خدا نہ ڪري جو آءٌ اهو پاڻي پيئان. ڇا آءٌ هنن ماڻهن جو رت پيئان جيڪي پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اوڏانهن ويا ۽ مون لاءِ اهو پاڻي آندو اٿائون؟“ سو دائود اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي ناليوارن سپاهين جا اهي ئي بهادريءَ وارا ڪم هئا. 20 يوآب جو ڀاءُ ابيشي ”ٽيهن جو ٽولو“ جو اڳواڻ هو. هن پنهنجو نيزو کڻي ٽي سؤ ماڻهن تي ڪاهہ ڪري کين ماري وڌو ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ وارن بهادرن جهڙو نالي وارو ٿيو. 21 ”ٽيهن جو ٽولو“ مان هو ٻين سڀني کان وڌيڪ ناليوارو هو ۽ سندن اڳواڻ بڻيو، انهيءَ هوندي بہ هو انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي مٽ نہ هو. 22 انهيءَ کان علاوہ بناياہ ولد يهويدع هو، جيڪو قبضيل نالي شهر جو بهادر شخص هو، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا. هن موآب جي ٻن بهادرن کي قتل ڪيو ۽ برفباريءَ وارن ڏينهن ۾ هڪڙيءَ کڏ ۾ لهي هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو هئائين. 23 هن هڪڙو مصري شخص پڻ ماري وڌو جيڪو ٻن ميٽرن کان وڌيڪ ڊگھو هو. جيتوڻيڪ ان مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي لٺ جهڙو هڪڙو نيزو هو، تڏهن بہ بناياہ هڪڙي لٺ کڻي مٿس حملو ڪيو ۽ سندس هٿ مان نيزو کسي سندس ئي نيزي سان ماري وڌائينس. 24 بناياہ جا اهڙا بهادريءَ جا ڪم هئا ۽ انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي وڏن بهادرن جهڙو نالو ڪڍيائين. 25 هو انهن ”ٽيهن جو ٽولو“ جي سپاهين ۾ وڌيڪ ناليوارو هو، پر انهن ”ٽن جو ٽولو“ جي مٽ نہ هو. دائود کيس پنهنجي ذاتي محافظن تي نگران مقرر ڪيو. 26 دائود جا ٻيا ناليوارا سپاهي هي آهن: يوآب جو ڀاءُ عساهيل، بيتلحم جو رهاڪو الحنان ولد دودو. 27 سمہ هروري، حلص فلطي، 28 عيرا ولد عقيس تقوعي، ابيعزر عنتوتي، 29 سبڪي حوساتي، عيلي اخوحي، 30 مهري نطوفاتي، حلد ولد بعنہ نطوفاتي، 31 بنيامين علائقي واري جِبعت جو رهاڪو اِتي ولد ريبي، بناياہ فرعاتوني، 32 جعس جي برساتي نهرن واري علائقي جو ويٺل هدي، ابيعلبون عرباتي، 33 عزماوت برحومي، اليحبہ سعلبوني، 34 هشيم جزوني، يونتن ولد شجي هراري، 35 اخيآم ولد سڪار هراري، الفال ولد اُور، 36 حفر مڪيراتي، اخياہ فلوني، 37 حصرو ڪرملي، نغري ولد ازبي، 38 ناتن جو ڀاءُ يوايل، مبخار ولد هاجري، 39 صلق عموني، نحري بيروتي جيڪو يوآب جو هٿياربردار هو، 40 عيرا اتري، جاريب اتري، 41 اورياہ حتي، زاباد ولد اخلي، 42 عدينہ ولد سيزا روبيني جيڪو روبينين جو سردار هو ۽ ساڻس ٽيهن ڄڻن جو ٽولو هو، 43 حنان ولد معڪہ، يوسفط متني، 44 عزيا عستاراتي، خوتام عروعيري جا پٽ سماع ۽ يعيايل، 45 يديعايل ولد سمري ۽ سندس ڀاءُ يوخا تيصي، 46 اليايل محاوي، النعم جا پٽ يريبي ۽ يوساوياہ، يتمہ موآبي، 47 اليايل، عوبيد ۽ يعسيايل مضوبائي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society