Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 10 - Muslim Sindhi Bible


بادشاهہ سائول جي وفات
( 1.سموئيل 31‏:1‏-13 )

1 فلستين جِلبوعہ نالي جبل تي بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. بني اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو اتي ماريا ويا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا.

2 فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون.

3 ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس زخمي ڪري وڌائون.

4 تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، نہ تہ هي اڻ‌طهريل اچي مون کي بي‌عزتو ڪندا.“ پر سندس هٿياربردار ڊڄي ويو ۽ ائين نہ ڪيائين، تنهنڪري سائول پنهنجي تلوار ڪڍي انهيءَ تلوار مٿان ڪري پيو.

5 جڏهن انهي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار مٿان ڪري پيو ۽ مري ويو.

6 اهڙيءَ طرح سائول ۽ سندس ٽي پٽ مري ويا ۽ سندن سڄي گھراڻي ۾ ڪوبہ تخت جو وارث نہ رهيو.

7 يزرعيل ماٿريءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن ٻڌو تہ سڄو لشڪر ڀڄي ويو آهي ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا. پوءِ فلستين اچي انهن تي قبضو ڪيو ۽ منجھن رهڻ لڳا.

8 ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.

9 هنن سائول جي سسي لاٿي ۽ سندس زرهہ بہ لاٿائون. پوءِ هنن قاصدن کي اهي شيون ڏيئي پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن موڪليو تہ وڃي سندن بتخانن ۾ ۽ سڀني ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين.

10 هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن ديوتائن جي هڪڙي مندر ۾ رکيا ۽ انهيءَ جي سسي دجون ديوتا جي مندر ۾ لٽڪائي ڇڏيائون.

11 جيڪي ڪجھہ فلستين سائول سان ڪيو هو، سو جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو،

12 تڏهن اتي جا سڀ بهادر مرد اٿيا ۽ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش چوريءَ کڻي يبيس شهر ۾ آيا. هنن کين اتي شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيو ۽ ستن ڏينهن تائين روزو رکيائون.

13 سائول جو موت انهيءَ ڪري ٿيو جو هو خدا جو نافرمان هو. هو خداوند جي حڪمن تي پوريءَ طرح نہ هليو ۽ ڀوپن جي وسيلي مئلن جي روحن کان صلاح مشورو ورتائين،

14 خدا کان نہ. انهيءَ ڪري خداوند کيس ماري ڇڏيو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود ولد يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan