Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

1.تواريخ 1 - Muslim Sindhi Bible


آدم کان وٺي ابراهيم تائين
( پيدائش 5‏:1‏-32 ، 10‏:1‏-32 ، 11‏:10‏-26 )

1 آدم جو نسب نامو هي آهي: آدم مان سيت، انهيءَ مان انوس،

2 انهيءَ مان قينان، انهيءَ مان مهلل‌ايل، انهيءَ مان يارد،

3 انهيءَ مان حنُوڪ، انهيءَ مان متوسلح، انهيءَ مان لمڪ، انهيءَ مان نوح.

4 نوح کي ٽي پٽ هئا: سِم، حام ۽ يافت.

5 يافت جو اولاد جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس هئا.

6 جُمر جو اولاد اشڪناز، ريفت ۽ تُجرماہ هئا.

7 ياوان جو اولاد اِلِيشاہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني هئا.

8 حام جو اولاد ڪُوش، مصر، لبيا ۽ ڪنعان هئا.

9 ڪُوش جو اولاد صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ هئا. رعمہ جو اولاد شبا ۽ ددان هئا.

10 ڪُوش کي نمرود نالي هڪڙو پٽ هو جيڪو دنيا جو پهريون زبردست پهلوان هو.

11 مصر جا پٽ جن جي نالن پٺيان قومون بڻيون سي هي هئا: لودي، عنامي، لهابي، نفتوحي،

12 فتروسي، ڪسلوحي ۽ ڪريتي جنهن مان فلستي پيدا ٿيا.

13 ڪنعان جو اولاد هي هئا: سندس پهريتو پٽ صيدا ۽ بني حِت،

14 يبوسي، اموري، جِرجاشي،

15 حِوي، عرقي، سيني،

16 اروادي، صماري ۽ حماتي.

17 سِم جو اولاد هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود، ارام، عُوض، حول، جتر ۽ مسڪ.

18 ارفڪسد کي سِلح ڄائو ۽ سِلح کي عبر.

19 عبر کي ٻہ پٽ ڄاوا، هڪڙي جو نالو فلج هو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڏينهن ۾ ڌرتي مختلف حصن ۾ ورهائي ويئي هئي ۽ ٻئي جو نالو يقطان هو.

20 يقطان جو اولاد هي هئا: بني الموداد، بني سلف، بني حصارماوت، بني يرح،

21 بني هدورام، بني اُوزال، بني دقلہ،

22 بني عوبال، بني ابي‌مائيل، بني شبا،

23 بني اوفِر، بني حويلاہ ۽ بني يوباب.

24 سِم کان ابراهيم تائين نسب نامو هي آهي: سِم مان ارفڪسد، انهيءَ مان سِلح،

25 انهيءَ مان عبر، انهيءَ مان فلج، انهيءَ مان رعو،

26 انهيءَ مان سروج، انهيءَ مان نحور، انهيءَ مان تارح

27 ۽ انهيءَ مان ابرام يعني ابراهيم.


اسماعيل جو اولاد
( پيدائش 25‏:12‏-16 )

28 ابراهيم کي ٻہ پٽ اسحاق ۽ اسماعيل هئا.

29 اسماعيل جو اولاد هي هئا: نبايوت، جيڪو سندس پهريتو پٽ هو، پوءِ قيدار، ادبئيل، مبسام،

30 مِشماع، دوماہ، مسا، حدد ۽ تيما،

31 يطور، نفيس ۽ قدمہ.

32 ابراهيم جا سندس سريت قطوراہ مان هي پٽ هئا: زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ. يقشان مان شبا ۽ ددان پيدا ٿيا.

33 مديان جا پٽ هي هئا: عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ. اهي سڀيئي قطوراہ مان هئا.


عيسوءَ جو اولاد
( پيدائش 36‏:1‏-19 )

34 ابراهيم جي پٽ اسحاق کي هي پٽ هئا: عيسو ۽ يعقوب.

35 عيسوءَ جا پٽ هي هئا: اليفز، رعوايل، يعوش، يعلام ۽ قورح.

36 اليفز جو اولاد هي هئا: تيمان، اومار، صفو، جعتام، قنز، تِمنع ۽ عماليق.

37 رعوايل جو اولاد هي هئا: نحت، زارح، شماہ ۽ مِزہ.


ادوم ملڪ جا اصل رهاڪو
( پيدائش 36‏:20‏-30 )

38 سعير جا پٽ هي هئا: لوطان، شوبال، صِبعون، ايصر ۽ ديشان.

39 لوطان جا پٽ هي هئا: حوري ۽ هومام. تِمنع لوطان جي ڀيڻ هئي.

40 شوبال جا پٽ هي هئا: علوان، مانحت، عيبال، شفو ۽ اونام. صِبعون جا پٽ هي هئا: آيہ ۽ عَيناہ.

41 عَيناہ جو پٽ دِشون هو. دِشون جا پٽ حمدان، اشبان، يتران ۽ ڪران هئا.

42 ايصر جا پٽ هي هئا: بِلهان، زعوان ۽ عقان. ديشان جا پٽ هي هئا: عُوض ۽ اران.


ادوم جا بادشاهہ
( پيدائش 36‏:31‏-43 )

43 بني اسرائيل جي بادشاهن کان اڳ ۾ جن ادوم ملڪ تي بادشاهي ڪئي، سي هي آهن. بلع ولد بعور دِنهاباہ شهر مان بادشاهي ڪئي.

44 بلع جي وفات کان پوءِ بُصراہ جو رهاڪو يوباب ولد زارح بادشاهہ ٿيو.

45 يوباب جي وفات کان پوءِ تيمان جي ملڪ وارو حُشام بادشاهہ ٿيو.

46 حُشام جي وفات کان پوءِ هدد ولد بدد، جنهن موآب ۾ مديانين کي شڪست ڏني هئي سو بادشاهہ ٿيو. سندس شهر جو نالو عويت هو.

47 هدد جي وفات کان پوءِ مسرقہ جو رهاڪو سملاہ بادشاهہ ٿيو.

48 سملاہ جي وفات کان پوءِ فرات نديءَ جي ويجھو رحوبوت‌عير شهر جو رهاڪو شائول بادشاهہ ٿيو.

49 شائول جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عڪبور جي پٽ بعل‌حانان بادشاهي ڪئي.

50 بعل‌حانان جي وفات کان پوءِ هدر بادشاهہ ٿيو، هو پاعو شهر جو رهاڪو هو. هن جي زال جو نالو مهطب‌ايل هو جيڪا مطرد جي ڌيءَ ۽ ميَ‌زاهاب جي ڏوهٽي هئي.

51 هدر پڻ گذاري ويو. ادوم جا رهاڪو هنن قبيلن ۾ ورهايل هئا: تِمنع، علوہ، يتيت،

52 اهليباماہ، ايلاہ، فينون،

53 قنز، تيمان، مبصار،

54 مجدي‌ايل ۽ عرام.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan