Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

طيطس 3 - Hindu Sindhi Bible


وشواسين لاءِ نئين هلت چلت بابت تاڪيد

1 ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جي وس هيٺ رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن.

2 اهي ڪنهن جي بہ گلا نہ ڪن، نہ ئي جھيڙو ڪندڙ ٿين، بلڪ نرم سڀاءُ اختيار ڪندي سڀني ماڻهن سان پوري نماڻائيءَ سان پيش اچن.

3 ڏس، اسين ڪنهن وقت مُورک، نافرمان، ڀَٽڪيل ۽ طرح طرح جي شرير وارين خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين دشمنيءَ ۽ ساڙ جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.

4 پر جڏهن اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي ڪرپا ۽ انسان لاءِ سندس پريم ظاهر ٿيو،

5 تڏهن هن اسان کي مڪتي ڏني. اها سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس ديا جي ڪري ملي. هائو، هن اسان کي انهيءَ پوِتر آتما جي وسيلي مڪتي ڏني، جنهن اسان کي آتما جي لحاظ کان ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئون جيون بخشيو.

6 اها پوِتر آتما اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جھجھي انداز ۾ اسان تي پرگھٽ ڪئي،

7 انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا.

8 اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ايشور تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن.

9 پر مورکتا وارن بحثن، ابن ڏاڏن جي ڊگھين فهرستن، جھيڙن جھڳڙن ۽ موسيٰ جي نيم بابت تڪرارن کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فائدہ ۽ اجايا آهن.

10 وشواسي منڊليءَ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ واسطو نہ رک.

11 تون ڄاڻي ڇڏ تہ اهڙو ماڻهو بگڙيل ۽ ڏوهي آهي ۽ پاڻ کي پاپي قرار ڏياري ٿو.


ذاتي هدايتون ۽ نمسڪار

12 جڏهن آءٌ ارتماس يا تخڪُس کي تو وٽ موڪليان، تڏهن تون مون وٽ نيڪپلس شهر ۾ اچڻ جي پوري ڪوشش ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ مون سيارو اتي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

13 زيناس وڪيل ۽ اپلوس جي تن ۽ من سان مدد ڪري اهڙي بندوبست سان کين روانو ڪجانءِ جيئن هو ڪنهن شيءِ جا محتاج نہ هجن.

14 اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا وشواسي ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مگن رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ جيون نہ گذارين.

15 جيڪي مون سان گڏ آهن، سي سڀ تو کي نمسڪار ٿا ڏين. اسان سان پريم رکندڙ سڀني وشواسين کي نمسڪار ڏجانءِ. شل اوهان سڀني تي ڪرپا ٿيندي رهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan