طيطس 1 - Hindu Sindhi Bible1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جو داس ۽ يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن وشواس ۾ مضبوط رهڻ لاءِ ايشور جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا ڌرمچاريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري. 2 انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي. 3 هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ سنديش کي پرچار جي وسيلي ظاهر ڪيو. اهو پرچار اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪيو ويو. 4 هي خط آءٌ تو طيطس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو وشواس رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي. منڊلين لاءِ اڳواڻ مقرر ڪرڻ بابت طيطس جي ذميواري 5 مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي وشواسي منڊليءَ ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين. 6 هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت وشواسين جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پوِتر هجن. 7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ سنڀاليندڙ کي جيئن تہ منڊليءَ ۾ ايشور جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي. 8 اٽلندو هو مهماننواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پوِتر ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي. 9 هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو سنديش سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح سکيا سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي. 10 انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي ختنو ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن. 11 انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن. 12 ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“ 13 سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان ڇينڀيندو ڪر، تہ جيئن سندن وشواس درست ٿي وڃي 14 ۽ اهي يهودين جي هٿرادو ڪهاڻين يا انهن ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منهن ٿا موڙين. 15 پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن. 16 اهي ايشور کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society