Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 9 - Hindu Sindhi Bible


بني اسرائيل تي ايشور جي ديا 9‏:1‏–11‏:32 (ايشور جو وچن اجايو نہ آهي)

1 آءٌ مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان. منهنجي دل جيڪا پوِتر آتما جي وس ۾ آهي، سا بہ مون سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ

2-3 مون کي ڏاڍو ڏک آهي ۽ منهنجي دل ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن يعني پنهنجي قوم وارن لاءِ سدائين غم ۽ درد ٿو رهي تہ ڪاش! اهي مڪتي حاصل ڪن. انهيءَ لاءِ آءٌ پاڻ انهن جي خاطر لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيڻ لاءِ بہ تيار آهيان.

4 اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.

5 اهي ئي ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ شرير جي لحاظ کان مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل ايشور، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي مهما هميشہ ٿئي. آمين.

6 هاڻ جيڪڏهن اهي مڪتي حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ ايشور جو انهن سان ڪيل وچن ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن

7 ۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“

8 مطلب تہ شرير جي لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار ايشور جا ٻار نہ آهن، پر ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابرهام جو اولاد ليکجن ٿا.

9 ايشور جي ساڻس انهيءَ وچن جي هن مان سڌ پوي ٿي تہ ”ايندڙ سال هنن ئي ڏينهن ۾ آءٌ موٽي ايندس، تڏهن سارہ کي پٽ ڄاول هوندو.“

10 اسان جي وڏن مان هڪ ٻيو مثال هي آهي جڏهن اضحاق کي ربقہ مان جاڙا ٻار پيدا ٿيا.

11-12 انهن ٻارن جي جنم ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي سيوا ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ايشور جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،

13 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون يعقوب سان پريم رکيو پر عيسوءَ سان نہ.“


(ايشور جي ديا سندس مرضيءَ موجب)

14 پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ ايشور وٽ سچائي نہ آهي؟ نہ، هرگز نہ.

15 ايشور پاڻ موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن تي آءٌ ديا ڪرڻ گھران تنهن تي ديا ڪندس ۽ جنهن تي ڪرپا ڪرڻ گھران تنهن تي ڪرپا ڪندس.“

16 تنهنڪري اهو نہ انسان جي خواهش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اهو سڀ ايشور جي ديا تي مدار رکي ٿو.

17 پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“

18 مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.

19 هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو ايشور جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي پاپي قرار ڏئي؟“

20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو ايشور سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا رچيل شيءِ رچيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو رچيو آهي؟“

21 ڇا ڪنڀر کي اهو اختيار نہ آهي جو هو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان هڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟

22 سو انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجو ڏمر ظاهر ڪرڻ ۽ شڪتي ڏيکارڻ واري پنهنجي ارادي کي روڪيندي انهن ڏمر جي لائق ٿانوَن کي صبر سان برداشت ڪندو رهيو، جيڪي ڀڃي ناس ٿيڻ لاءِ تيار ڪيا ويا هئا.

23 يا انهيءَ ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهہ آهي جو ايشور پنهنجي جوت جي دولت انهن ديا وارن ٿانوَن تي ظاهر ڪئي، جيڪي هن پنهنجي جوت جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪري ڇڏيا هئا،

24 يعني اسان کي، جن کي هن نہ رڳو يهودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊي ورتو آهي.

25 اهو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هوسيع جي پوِتر لکت مطابق آهي، جنهن ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“

26 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’جيوت ايشور جا ٻار‘ سڏبا.“

27 جڏهن تہ بني اسرائيل بابت سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.

28 پرميشور پنهنجي انهيءَ ٻڌايل فيصلي کي ڌرتيءَ تي جلد ئي پوريءَ طرح عمل ۾ آڻيندو.“

29 يسعياہ سنت هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن سروِشڪتيوان پرميشور اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“


(بني اسرائيل جي پنهنجي ڪوشش ناڪام)

30 ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن وشواس رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.

31 ان جي ابتڙ بني اسرائيل، جيڪي نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سي انهيءَ ۾ ناڪام ٿي ويا.

32 ان جو سبب ڪهڙو هو؟ اهو هو تہ هنن وشواس رکڻ جي وسيلي نہ، پر نيم تي عمل جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين هنن انهيءَ ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.

33 اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan