رومين 8 - Hindu Sindhi Bibleپوِتر آتما موجب جيون گذارڻ 1 پر هاڻ جيڪي يسوع مسيح ۾ آهن، سي پاپي هئڻ جي فيصلي کان آزاد آهن. 2 پوِتر آتما جي حڪمراني جيڪا اسان کي يسوع مسيح ۾ جيون ڏئي ٿي، تنهن اسان کي پاپ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي. 3 جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو. 4 اهو ايشور انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اسان ۾ نيم جي سچائي پوري ٿي وڃي، جيڪي انساني فطرت موجب نہ پر پوِتر آتما موجب جيون گذاريون ٿا. 5 سو جيڪي انساني فطرت جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ سنساري آهي، پر جيڪي پوِتر آتما جي وس هيٺ آهن تن جي سوچ آتمڪ آهي. 6 انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پوِتر آتما واري سوچ جيون ۽ ايشور سان ميل ميلاپ آهي. 7 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ ايشور جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ ايشور جي حڪمرانيءَ جي وس هيٺ آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي. 8 جيڪي انساني فطرت موجب هلن ٿا سي ايشور کي راضي رکي نہ ٿا سگھن. 9 پر اوهين انساني فطرت موجب نہ بلڪ پوِتر آتما موجب هلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهان ۾ ايشور جي آتما رهي ٿي. جنهن ماڻهوءَ ۾ مسيح جي آتما نہ آهي سو مسيح جو نہ آهي. 10 پر جيڪڏهن مسيح اوهان ۾ آهي، پوءِ توڙي جو پاپ جي ڪري اوهان جو شرير مئل آهي، تڏهن بہ ايشور ڏانهن سچار هئڻ ڪري جيون بخشيندڙ پوِتر آتما اوهان ۾ آهي. 11 هاڻ جيڪڏهن اوهان ۾ ايشور جي آتما موجود آهي، جنهن يسوع کي مئلن مان جيوت ڪيو، تہ پوءِ مسيح کي مئلن مان جيوت ڪرڻ وارو اوهان جي ناس ٿيندڙ شريرن کي بہ پنهنجي انهيءَ آتما جي وسيلي جيوت ڪندو جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. 12 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب جيون گذاريون. 13 هاڻي جيڪڏهن اوهين انساني فطرت موجب جيون گذاريندا تہ ضرور مرندا. پر جيڪڏهن پوِتر آتما جي وسيلي انساني فطرت وارن خراب ڪمن کي ناس ڪندا تہ جيوت رهندا. 14 سو جيڪي ايشور جي آتما جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي ايشور جا ٻار آهن. 15 ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون. 16 اها پوِتر آتما پاڻ اسان جي آتما سان گڏ شاهدي ٿي ڏئي تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون. 17 جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني ايشور جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جوت ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون. ايشور جي جوت جي اميد 18 سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون. 19 سڄي رچنا ڏاڍي سڪ منجھان پيئي واجھائي تہ ڪڏهن ايشور جا ٻار انهيءَ جوت ۾ ظاهر ڪيا ويندا. 20 جيتوڻيڪ سڄي رچنا پنهنجي رچنا وارو مقصد وڃائي ويٺي آهي، جيڪو سندس مرضيءَ سان نہ ٿيو پر ايشور کيس پنهنجي لعنت هيٺ آندو، تنهن هوندي بہ کيس اها اميد ڏني ويئي 21 تہ ڪو وقت ايندو جڏهن رچنا کي بہ ناس ٿيڻ جي غلاميءَ کان ڇڏايو ويندو ۽ ايشور جي ٻارن جي جوت واري آزاديءَ ۾ شريڪ ڪيو ويندو. 22 جڏهن تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ سڄي رچنا هن وقت تائين ويم جهڙن سورن ۾ پيئي ڪنجھي ۽ تڙپي. 23 انهن سان گڏوگڏ اسين پاڻ بہ پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجھون. جيتوڻيڪ ايشور اسان کي انهيءَ آزاديءَ جي پهرين بخشش پوِتر آتما جي صورت ۾ بخشي آهي، تہ بہ ايشور جا پوريءَ طرح ٻار ٿيڻ يعني پنهنجي شرير کي نئين حالت ملڻ جي بيحد انتظار ۾ ويٺا آهيون. 24 انهيءَ اميد سان اسان کي مڪتي ڏني ويئي. پر جيڪڏهن اها شيءِ ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جي اميد رکجي ٿي تہ پوءِ اميد ڇا جي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو ڪا شيءِ ڏسي ۽ پوءِ بہ انهيءَ لاءِ اميد رکي؟ 25 پر جيڪڏهن اسين اهڙيءَ شيءِ جي اميد ٿا ڪريون جيڪا اڃا ڏسڻ ۾ نہ آئي آهي، تہ پوءِ اسين صبر سان ان جو بيحد انتظار ٿا ڪريون. 26 انهيءَ اميد سان گڏوگڏ پوِتر آتما بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿي ڪري. جيئن تہ اسين نہ ٿا ڄاڻون تہ ڪهڙي مناسب پرارٿنا ڪريون، سو پوِتر آتما پاڻ بيان کان ٻاهر آهون ڀري ڀري اسان جي سفارش پيئي ڪري. 27 ايشور جيڪو دلين جو پرکڻ وارو آهي سو ڄاڻي ٿو تہ پوِتر آتما ڇا ٿي چاهي، يعني پوِتر آتما سندس مرضيءَ موجب مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سفارش ٿي ڪري. 28 اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن. 29 هائو، شروع کان ئي ايشور انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. ايشور اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس پٽ جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس پٽ گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي. 30 سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين. يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جو پيار 31 سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن ايشور اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟ 32 هن تہ پنهنجو پٽ بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟ 33 ڪير آهي جيڪو ايشور جي چونڊيل ماڻهن تي تهمت هڻندو؟ جڏهن تہ ايشور خود انهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 34 ڪير آهي جيڪو اسان کي پاپي قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ يسوع مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو. هو ايشور جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري. 35 پوءِ ڪير آهي جيڪو اسان کي مسيح جي پيار کان جدا ڪري سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ هجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ هجون يا اسان کي ماريو وڃي، 36 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”تنهنجي خاطر هر وقت اسان کي موت جو منهن ڏيکاريو وڃي ٿو. هائو، اسان سان ڪوس جي رڍن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.“ 37 انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار سوڀ حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان سان پيار ڪيو. 38 منهنجو وشواس آهي تہ نہ موت، نہ جيون، نہ دوت، نہ ڀوت، نہ حال توڙي مستقبل جون شيون، نہ شڪتيون، 39 نہ آڪاش، نہ پاتال ۽ نہ وري ڪا ٻي مخلوق اسان کي ايشور جي انهيءَ پيار کان جدا ڪري سگھندي، جيڪو يسوع مسيح يعني اسان جي پرڀوءَ جي وسيلي اسان کي مليو آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society