Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 7 - Hindu Sindhi Bible


شاديءَ واري ٻنڌڻ جو مثال

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين جيڪي نيم کان واقف آهيو، سي ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيوت آهي تيستائين نيم جو مٿس حڪم هلي ٿو.

2 مثال طور نيم موجب پتني پنهنجي پتيءَ سان سندس جيون تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو پتي مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي.

3 جيڪڏهن اها ناري پتيءَ جي جيوت هوندي ڪنهن ٻئي مرد سان لاڳاپو رکي ٿي تہ اها زناڪار سڏبي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ هوءَ نيم موجب آزاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن بہ مرد سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي تہ اها زناڪار نہ سڏبي.

4 منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ نيم جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيوت ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ ايشور جي لائق ڦل جھلينداسين.

5 جڏهن اسين رڳو انساني فطرت موجب رهندا هئاسين، تڏهن اسان جون شرير واريون خواهشون، جيڪي نيم جي ڪري ظاهر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض هيون، جنهن ڪري اسان موت جي لائق ڦل جھليوسين.

6 پر هاڻ اسين نيم جي لحاظ کان مرڻ جي ڪري ان جي ٻنڌڻ کان آزاد ٿي ويا آهيون. هاڻي اسين ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پوِتر آتما واري نئين جيون جا پابند آهيون.


نيم وسيلي پاپ ظاهر ٿيڻ

7 پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ نيم خود پاپ آهي؟ نہ، بلڪل نہ. جيڪڏهن نيم نہ هجي ها تہ مون کي پاپ جي سڌ نہ پوي ها. جيڪڏهن نيم نہ چوي ها تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي سڌ ئي نہ پوي ها.

8 پر نيم جي انهيءَ حڪم جي ڪري پاپ کي ڄڻ وجھہ ملي ويو جو هن مون ۾ هر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ نيم کان سواءِ پاپ مئل آهي.

9 ڪو وقت هو جڏهن نيم کان سواءِ آءٌ جيوت هئس. پر جڏهن نيم وارو اهو حڪم منهنجي سامهون آيو تڏهن پاپ جيوت ٿي پيو

10 ۽ آءٌ مري ويس. اهڙيءَ طرح سڌ پيئي تہ نيم وارو اهو حڪم جنهن جو مقصد مون کي جيون بخشڻ هو، سو ئي منهنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.

11 پاپ وجھہ وٺي نيم واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.

12 هاڻي جڏهن تہ نيم پاڻ پوِتر آهي ۽ سندس حڪم بہ پوِتر، سچا ۽ چڱا آهن،

13 تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو پاپ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح نيم وارن حڪمن جي وسيلي پاپ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.


دل نيم جي وس هيٺ تہ بہ پاپ جي حڪمراني

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ نيم آتمڪ آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ پاپ جي هٿ وڪاميل آهيان.

15 ڳالهہ اها آهي تہ مون کي پنهنجي ڪمن جي بہ سڌ نہ ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اهي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آهي.

16 جيڪڏهن آءٌ اهي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ انهيءَ مان ظاهر آهي تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ نيم چڱو آهي.

17 سو هاڻوڪي حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو پاپ آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.

18 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منهنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رهي. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواهش آهي، تنهن هوندي بہ اها مون کان ٿي نہ ٿي سگھي.

19 هائو، آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اهي ڪريان ٿو.

20 هاڻي جڏهن آءٌ اهڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ اهي ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آهيان، پر اهو پاپ ئي آهي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آهي.

21 تنهنڪري مون ۾ هڪ اهڙو حڪم ڪم ڪندي نظر اچي ٿو جو آءٌ جڏهن چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انهن جي بدران بڇڙا ڪم ٿيو پون.

22 منهنجي دل تہ ايشور جي نيم مان خوش آهي،

23 پر آءٌ پنهنجي شرير جي عضون ۾ انهيءَ ٻئي حڪم کي ڪم ڪندي ڏسان ٿو، جيڪو منهنجي دلي سوچ سان جنگ ڪري ٿو. اهو مون کي پاپ جي انهيءَ حڪمرانيءَ جو غلام ٿو بڻائي، جيڪا منهنجي عضون ۾ موجود آهي.

24 سو آءٌ ڪيڏو نہ نڀاڳو ماڻهو آهيان! مون کي اهڙي شرير کان ڪير ڇڏائيندو جنهن جي وسيلي موت ايندو؟

25 انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو. مطلب تہ جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي دلي سوچ سان ايشور جي نيم جي وس هيٺ آهيان، تڏهن بہ منهنجي انساني فطرت اڃا پاپ جي حڪم هيٺ آهي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan