Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 5 - Hindu Sindhi Bible


ايشور سان ميل ميلاپ

1 جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.

2 اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.

3 نہ رڳو ايترو پر پنهنجين مصيبتن ۾ بہ فخر ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ مصيبت مان ثابت قدمي پيدا ٿئي ٿي.

4 ثابت قدميءَ مان ايشور جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.

5 اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا پوِتر آتما اسان کي بخشي ويئي آهي، تنهن جي وسيلي ايشور جو اسان سان پريم اسان جي دلين ۾ ڀريو ويو آهي.

6 اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي ايشور کان پري هئاسين.

7 ڪنهن سچار ماڻهوءَ خاطر بہ مشڪل سان ڪو پنهنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ جي همت ڪري بہ وجھي.

8 پر ايشور اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا پاپي ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.

9 هاڻ جڏهن هن جي ٻليدان جي وسيلي اسين ايشور ڏانهن سچار بڻايا وياسين، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو اسين مسيح جي وسيلي ايشور جي ڏمر کان بچي وينداسين.

10 اڳي ايشور جا دشمن هئڻ جي باوجود اسان جو سندس پٽ جي موت جي وسيلي ساڻس ميل ميلاپ ٿي ويو. هاڻي جڏهن تہ اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي، تڏهن اها ڳالهہ ڪيڏي نہ يقيني آهي جو سندس پٽ جي جيون جي وسيلي اسين بچي وينداسين.

11 نہ رڳو ايترو پر پنهنجي پرڀو يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي اسان جو ايشور سان ميل ميلاپ ٿيو آهي، تنهن جي معرفت اسين ايشور تي فخر بہ ڪريون ٿا.


آدم وسيلي موت، مسيح وسيلي جيون

12 هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي سنسار ۾ پاپ آيو، پاپ جي سبب موت آيو ۽ موت سڄي انسانذات ۾ پکڙجي ويو، ڇاڪاڻ تہ سڀني پاپ ڪيو.

13 سو موسيٰ جي نيم ملڻ کان اڳ سنسار ۾ پاپ هو، پر جتي نيم نہ آهي اتي پاپن جو حساب بہ نہ ٿو رکيو وڃي.

14 ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.

15 پر ڪرپا واري بخشش کي آدم جي نافرمانيءَ سان ڀيٽي نہ ٿو سگھجي. جيڪڏهن انهيءَ هڪڙي شخص جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو مري ويا، تہ پوءِ ايشور جي ڪرپا ڪيڏي نہ وڌيڪ آهي، جڏهن سندس بخشش هڪڙي ئي شخص يعني يسوع مسيح جي ڪرپا جي وسيلي گھڻن ئي ماڻهن لاءِ جھجھي انداز ۾ رکي ويئي آهي.

16 ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي.

17 اهو سچ آهي تہ هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي وسيلي يعني آدم جي نافرمانيءَ جي ڪري موت انسان تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. پر هاڻ جن کي ڪرپا ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش جھجھي انداز ۾ ملي ٿي، سي هڪڙي ئي ماڻهوءَ يعني يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون جي حالت ۾ ڪيڏي نہ وڌيڪ حڪمراني ڪندا.

18 جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي ايشور ڏانهن سچار بڻجي جيون حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

19 هائو، جيئن هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري گھڻا ماڻهو پاپي ٿيا، تيئن هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي فرمانبرداريءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويندا.

20 مطلب تہ موسيٰ جو نيم انهيءَ لاءِ آيو تہ جيئن ان جي حڪمن جي ڀڃڪڙيءَ ڪري پاپ وڌي. پر جتي پاپ گھڻو وڌيو اتي ايشور جي ڪرپا انهيءَ کان بہ گھڻو جھجھي انداز ۾ وڌي.

21 تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan