Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 3 - Hindu Sindhi Bible


ايشور سچو آهي

1 تہ پوءِ يهودي هئڻ يا ختنو ڪرائڻ جو ڪو فائدو آهي؟

2 هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو ايشور جا وچن کين ئي سونپيا ويا آهن.

3 پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي ايشور جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟

4 بلڪل نہ. ايشور هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ايشور! تون هميشہ پنهنجي وچنن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو سوڀ حاصل ڪئي آهي.“

5 پر جيڪڏهن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو تہ پوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇا ائين چئون تہ ”ايشور سچو نہ آهي، جو هو ڏمر پرگھٽ ڪري ٿو.“

6 ائين بلڪل نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ائين هجي تہ پوءِ ايشور ڪيئن سنسار جي عدالت ڪندو؟

7 شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري ايشور جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جوت ظاهر ٿي، تہ پوءِ مون تي پاپيءَ هئڻ جو فيصلو ڇو ٿو جاري ڪيو وڃي؟“

8 پوءِ اوهين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انهيءَ مان ڀلائي ٿئي.“ ڪي ماڻهو اسان تي اها تهمت هڻن بہ ٿا تہ اها سکيا اسان جي آهي. اهڙن تهمت هڻندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ انصاف آهي.


ڪوبہ سچار نہ آهي

9 پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا پاپ جي قبضي ۾ آهن،

10 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ڪوبہ سچار نہ آهي، هڪڙو بہ نہ.

11 ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ ايشور جو ڳولائو نہ آهي.

12 سڀني ماڻهن ايشور کان منهن موڙيو آهي، سڀيئي ڀَٽڪي ويا آهن. ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونهي، نہ، هڪڙو بہ نہ.

13 انهن جا وات کُليل قبرن مثل آهن، يعني انهن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي. سندن چپن مان نڪتل لفظ نانگ جي زهر وانگر آهن.

14 انهن جا وات ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آهن.

15 انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.

16 اُهي جتي بہ وڃن ٿا تہ مصيبت ۽ تباهي ٿا پکيڙين.

17 انهن کي امن جي رستي جي سڌ ئي نہ آهي،

18 نہ وري کين ايشور جو ڪو خوف آهي.“

19 پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي.

20 مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.


ايشور ڏانهن سچار بڻجڻ جو وسيلو وشواس ئي آهي

21 پر هاڻي ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان نيم جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو شاستر ۽ ٻين سنتن جون پوِتر لکتون ڏين ٿيون.

22 جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،

23 ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن پاپ ڪيا آهن، جنهن ڪري اهي ايشور جي جوت کان محروم آهن.

24 جڏهن تہ ايشور پنهنجي ڪرپا واري بخشش سان يسوع مسيح ۾ مڪتيءَ سبب ئي انهن سڀني کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

25 ايشور يسوع کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي ٻليدان جي ڪري جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. ايشور ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي ايشور بردباري ڪندي ماڻهن جي پاپن کي درگذر ٿي ڪيو،

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.

27 هاڻي ڪيڏانهن ويو اوهان جو فخر؟ انهيءَ جي تہ ڪا گنجائش ئي ناهي رهي. ڪهڙي نيم جي ڪري؟ ڇا عمل واري نيم جي ڪري؟ نہ، رڳو وشواس واري نيم جي ڪري.

28 هائو، اسين دعويٰ سان چئون ٿا تہ نيم تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر ماڻهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو.

29 هاڻ ڇا ايشور رڳو يهودين جو ئي آهي؟ ڇا هو غير يهودين جو نہ آهي؟ بيشڪ هو غير يهودين جو بہ آهي.

30 جيئن تہ ايشور هڪڙو ئي آهي، سو هو ختني ٿيلن توڙي ختني نہ ٿيلن کي هڪڙي ئي رستي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، يعني وشواس آڻڻ سان.

31 پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري نيم کي رد ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان نيم کي قائم ٿا ڪريون.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan