Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 2 - Hindu Sindhi Bible


ايشور جو فيصلو

1 هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.

2 جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت ايشور جو فيصلو حق سچ وارو آهي.

3 اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ ايشور جي فيصلي کان بچي ويندين؟

4 ائين ٿو لڳي جو تون ايشور جي ڀلائيءَ، برداشت ۽ ڌيرج واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ ايشور جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟

5 پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ ايشور جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ ڏمر ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن ايشور جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.

6 ايشور هر ڪنهن کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو.

7 جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.

8 پر جيڪي مطلبي آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي ايشور جو ڏمر ۽ قهر پرگھٽ ٿيندو.

9 بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف پرگھٽ ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.

10 پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي ايشور مان، مهانتا ۽ شانتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ،

11 ڇاڪاڻ تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.

12 ايشور هر پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن موسيٰ جي معرفت مليل نيم کان سواءِ پاپ ڪيا، سي انهيءَ نيم کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن موسيٰ جي نيم هوندي پاپ ڪيا، تن جو فيصلو بہ انهيءَ نيم موجب ٿيندو.

13 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور سندس نيم ٻڌڻ وارن کي نہ، پر سندس نيم تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.

14 غير قومون جن وٽ ايشور جو نيم ڪونهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب ايشور جي نيم جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ نيم آهن، توڙي جو انهن وٽ سندس نيم نہ آهي.

15 انهن قومن جي عمل مان سڌ پوي ٿي تہ نيم جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.

16 مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن ايشور يسوع مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.


يهودين جو نيم تي عمل نہ ڪرڻ

17 هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين ايشور جي نيم تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ ايشور سان پنهنجي واسطي تي فخر ٿا ڪريو.

18 ايشور جي نيم جي سکيا مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ ايشور جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن.

19 اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن.

20 اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن کي سکيا ڏيندڙ آهيون، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نيم جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“

21 هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟

22 اوهين چئو ٿا تہ ”زنا نہ ڪريو،“ پر اوهين پاڻ زنا ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين بتن کان تہ نفرت ڪريو ٿا، پر اوهين مندرن جون ڦُريل شيون ڇو ٿا استعمال ڪريو؟

23 اوهين ايشور جي نيم تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ انهيءَ نيم جا حڪم ڀڃي ايشور جو اپمان ڇو ٿا ڪريو؟

24 اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون ايشور جي نالي خلاف نندا ڪن ٿيون.“

25 ختنو ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ نيم جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو ختنو جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.

26 جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر هو نيم جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا ايشور کيس ختني ڪيلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟

27 جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟

28 اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو ختنو حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ شرير جو ختنو هجي.

29 پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل ايشور ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي ختنو اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو ختنو لکيل نيم مطابق نہ، پر آتمڪ هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر ايشور جي طرفان ٿئي ٿي.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan