رومين 16 - Hindu Sindhi Bibleسڄڻن لاءِ نمسڪار 1 اسان جي وشواسي ڀيڻ فيبي، جيڪا ڪنخريا شهر واري وشواسي منڊليءَ جي سيواداري آهي، تنهن جي آءٌ اوهان کي پارت ٿو ڪريان تہ 2 اوهين پرڀو يسوع جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي. 3 پرسڪلا ۽ سندس پتي اڪولا کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي نہ رڳو مون سان گڏجي يسوع مسيح جي سيوا ڪندا رهيا آهن، 4 بلڪ هنن منهنجي جان بچائڻ واسطي پنهنجي جان بہ خطري ۾ وجھي ڇڏي هئي. انهن جو نہ فقط آءٌ پر غير قومن جون سموريون وشواسي منڊليون پڻ ٿورائتيون آهن. 5 جيڪا منڊلي سندن گھر ۾ گڏ ٿيندي آهي، تنهن کي بہ نمسڪار چئجو. منهنجي پياري دوست اپينتس کي نمسڪار چئجو، جيڪو آسيا صوبي ۾ پهريون شخص آهي جنهن مسيح تي وشواس آندو هو. 6 مريم کي منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن اوهان جي لاءِ گھڻي محنت ڪئي آهي. 7 منهنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي نمسڪار چئجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ هئا ۽ مخصوص ڪيل پرچارين طور مشهور آهن ۽ جن مون کان اڳ مسيح تي وشواس آندو هو. 8 امپلياطس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو مسيح ۾ منهنجو پيارو ڀاءُ آهي. 9 اُربانُس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي سيوا ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ نمسڪار چئجو. 10 اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن. 11 هيروديون نالي منهنجي قوم واري کي منهنجا نمسڪار چئجو. نرڪسس جي گھر ۾ جيڪي مسيح جا آهن، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. 12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي. 13 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو. 14 اسنڪرتس، فلگون، هرميس، پترباس، هرماس ۽ انهن سان گڏ جيڪي ٻيا وشواسي ڀائر ڀينر آهن، تن کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو. 15 فِللگس ۽ ڀيڻ يوليا، نيريوس ۽ سندس ڀيڻ کان علاوہ اُلمپاس ۽ انهن سان گڏ جيڪي بہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل آهن، تن سڀني کي منهنجا نمسڪار چئجو. 16 هڪٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي نمسڪار چئجو. مسيح جون سڀ منڊليون اوهان کي نمسڪار چون ٿيون. نصيحتون 17 آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو. 18 هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين. 19 جيتوڻيڪ مسيح لاءِ اوهان جي فرمانبرداريءَ بابت سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي، جنهن ڪري آءٌ اوهان مان ڏاڍو خوش آهيان، تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ اوهين نيڪ ڪمن ۾ سياڻا ۽ خراب ڪمن ۾ اٻوجھہ ٿي رهو. 20 تڏهن شانتي بخشيندڙ ايشور جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا شل اوهان سڀني تي هجي. 21 مون سان گڏ سيوا ڪندڙ تيمٿيس ۽ منهنجي قوم وارا لوڪيس، ياسون ۽ سوسپطرس اوهان کي نمسڪار ٿا چون. 22 آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ پرڀو يسوع ۾ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان. 23-24 گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهماننوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن. آخر ۾ پرارٿنا 25-26 جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري. 27 شل يسوع مسيح جي وسيلي انهيءَ اڪيلي ۽ داناءَ ايشور جي مهما هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society