رومين 15 - Hindu Sindhi Bible1 انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو وشواس مضبوط آهي سي ڪمزور وشواس وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن. 2 اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هموشواسيءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي وشواس ۾ بہ واڌارو ٿئي. 3 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ وارو جيون نہ گذاريو، جيئن پوِتر شاستر ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ 4 جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي سکيا لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پوِتر شاستر کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي. 5 سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ ايشور شل اوهان کي هيءَ شڪتي ڏئي جو اوهين يسوع مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، 6 انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي. غير قومن لاءِ اميد 7 تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن ايشور جي مهما ٿئي. 8 چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو سيواداري انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي وچن ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري ايشور کي سچو ثابت ڪري 9 ۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ ايشور جي ديا جي ڪري ايشور جي مهما ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي مهما ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا ڀڄن ڳائيندس.“ 10 پوِتر شاستر ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ ”اي غير قومون! ايشور جي قوم سان گڏجي خوشي ڪريو.“ 11 پوِتر شاستر ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ ”اي غير قومون! اوهين سڀيئي پرميشور جي مهما ڪريو. اي سڀيئي قومون! اوهين سندس مهما ڪريو.“ 12 وري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ بہ چوي ٿو تہ ”يسيءَ جي پٽ راجا دائود جي اولاد مان ڪو ايندو. هائو، اهو جيڪو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو، تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“ 13 هاڻ جڏهن تہ اوهين وشواس تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ ايشور اوهان کي خوشيءَ ۽ شانتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي. ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ پولس جو فخر 14 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15 تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي آهي تہ 16 آءٌ يسوع مسيح جو سيوڪ ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پوِتر آتما جي مخصوص ۽ پوِتر ڪرڻ سان ايشور جي آڏو دان جي روپ ۾ قبول پون. 17 تنهنڪري آءٌ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. 18 سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي ايشور جي وس هيٺ ڪرڻ لاءِ منهنجي چوڻ ۽ ڪرڻ جي وسيلي ڪيا. 19 اهي ڪم ڪرامتن ۽ چمتڪارن جي طاقت وسيلي يعني پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي پرچار واري سيوا پوري ڪري ڇڏي آهي. 20 منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، 21 بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ ”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي، تن جون بند اکيون کلي وينديون، ۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“ پولس جو روم وڃڻ جو ارادو 22 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. 23 پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي سيوا پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان، 24 سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو. 25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سيوا ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، 26 ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين. 27 انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي آتمڪ آسيسون يروشلم جي وشواسين کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن. 28 جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس. 29 آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي پوري آسيس اسان تي پرگھٽ ٿيندي. 30 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو 31 تہ ايشور مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير وشواسين کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن وٽ منهنجي سيوا قبول پوي. 32 پوءِ ايشور جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان. 33 شانتي بخشيندڙ ايشور شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society