رومين 12 - Hindu Sindhi Bibleايشور جي مرضيءَ موجب جيون گذارڻ 1 تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ ايشور جي اسان تي وڏي ديا آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي شرير کي اهڙي ٻليدان لاءِ ڀيٽا ڪريو، جيڪو جيوت، پوِتر ۽ ايشور کي پسند هجي. اها ئي حقيقي ڀڳتي آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي. 2 پاڻ کي هن انتم زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ ايشور جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ ايشور کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ ايشور جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي. 3 آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي. 4 جهڙيءَ طرح شرير ۾ گھڻا ئي عضوا آهن ۽ هر هڪ عضوي جو پنهنجو پنهنجو ڪم آهي، 5 تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون. 6 ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي. 7 جيڪڏهن ڪنهن کي سيوا ڪرڻ جو وردان مليو آهي تہ هو سيوا ڪندو رهي. جيڪڏهن اهو وردان سکيا ڏيڻ جو هجي تہ هو سکيا ڏيندو رهي. 8 جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري. 9 پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو. 10 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو. 11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو. 12 اميد ۾ خوش رهو، مصيبت ۾ صبر ڪريو ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ هميشہ مگن رهو. 13 مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهماننوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو. 14 جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن لاءِ پرارٿنا ڪريو. هائو، پرارٿنا ڪريو پر کين سراپ نہ ڏيو. 15 خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو. 16 پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوهين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنهنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو. 17 جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون. 18 جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو. 19 اي منهنجا پريميؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو ايشور جي ڏمر تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ 20 اهو بہ لکيل آهي تہ ”جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل آهي تہ کيس کاراءِ ۽ اڃايل آهي تہ کيس پيئار، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون هن کي شرمسار ڪندين.“ 21 بڇڙائيءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏيو، بلڪ نيڪيءَ جي وسيلي بڇڙائيءَ تي سوڀ حاصل ڪريو. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society