Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 11 - Hindu Sindhi Bible


(بني اسرائيل جو چونڊيل هجڻ قائم آهي)

1 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.

2 ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ

3 ”اي پرميشور! هنن تنهنجين ٻليدان وارين جاين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪيو اٿائون. آءٌ اڪيلو ئي باقي وڃي بچيو آهيان ۽ منهنجي پٺيان بہ هٿ ڌوئي ڪڍ پيا آهن.“

4 پر ايشور کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سيس ناهي نوايو.“

5 ساڳيءَ طرح هن وقت بہ بني اسرائيل مان ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن کي ايشور پنهنجي ڪرپا سان چونڊيو آهي.

6 جيئن تہ اها چونڊ ايشور جي ڪرپا موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ ايشور جي ڪرپا ڪرپا نہ ليکجي ها.

7 انهيءَ مان ڪهڙو نتيجو نڪتو؟ اهو تہ بني اسرائيل جنهن سچائيءَ جي ڳولا ڪندا ٿي رهيا، سا پوريءَ قوم کي نہ، بلڪ منجھائن ڪن ٿورن چونڊيلن کي ملي ۽ باقي ٻين جي دلين کي سخت ڪيو ويو،

8 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“

9 اهڙيءَ طرح راجا دائود چوي ٿو تہ ”شل سندن پنهنجي ئي رسوئي کائڻ واري چادر سندن لاءِ ڄار ۽ ڦندو ثابت ٿئي، ۽ اها ٺوڪر کائڻ ۽ سزا ڀوڳڻ جو سبب بڻجين!

10 شل انهن جون اکيون انڌيون ٿين، تہ جيئن هو ڏسي نہ سگھن، ۽ سندن پٺيون تڪليفن سان هميشہ لاءِ جھڪي پون.“

11 پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل قوم ٿاٻو کائي ائين ڪِري پيئي جو وري ڪڏهن بحال نہ ٿيندي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، بني اسرائيل جي انهيءَ ڪِري پوڻ جي ڪري غير قوم وارن کي مڪتي ملي ويئي، تہ جيئن اهو ڏسي بني اسرائيل کي غيرت اچي.

12 هاڻ جڏهن بني اسرائيل جو ڪِري پوڻ يعني انهن جو مڪتيءَ کي قبول نہ ڪرڻ سنسار جي سڀني غير قوم وارن لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿيو، تہ پوءِ جڏهن بني اسرائيل ۾ وشواسين جو تعداد وڌي ڀرپور ٿيندو، تڏهن سڀني لاءِ ايشور جي ڪيڏي نہ وڌيڪ ديا ٿيندي.


(اصلي ۽ جھنگلي ٽارين جو مثال)

13 اي غير قومن وارؤ! آءٌ خاص طور اوهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ غير قومن ڏانهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري موڪليو ويو آهيان. مون کي پنهنجي هن ڪم تي فخر بہ آهي،

14 انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.

15 جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان ايشور جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ ايشور جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيوت ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟

16 ابرهام ايشور جو چونڊيل هو، تنهنڪري سندس پيڙهي بہ چونڊيل آهي. هائو، ايشور کي ڏنل دان جو پهريون چاڻو پوِتر قرار ڏنو ويو تہ سڄو ڳوهيل اٽو بہ پوِتر ٿي ويو يا وڻ جي پاڙ جڏهن مخصوص ڪئي ويئي تہ ان جون ٽاريون بہ مخصوص ٿي ويون.

17 سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.

18 تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.

19 شايد اوهين ائين چوندا تہ ”اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون، تہ جيئن اسين پيوند ڪيا وڃون.“

20 ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي وشواس نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي وشواس آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.

21 هاڻ جڏهن ايشور بني اسرائيل وارن، يعني اصلي ٽارين کي بہ وڻ ۾ رهڻ نہ ڏنو، تہ پوءِ اوهين ڪيئن بچي سگھندا؟

22 سو ايشور جي ڪرپا ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي ڀَٽڪي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي ڪرپا ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس ڪرپا جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن وشواس نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو.

24 اوهين غير قومن وارا جيڪي جھنگلي وڻ جون ڀڳل ٽاريون آهيو، سي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيا ويا آهيو. جڏهن تہ بني اسرائيل جيڪي پوکيل زيتون جي وڻ جون اصلي ٽاريون آهن، سي ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنهنجي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا.


(ايشور جي ديا سڀني تي)

25 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.

26 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم مڪتي حاصل ڪندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان مڪتي ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌ڌرميءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.

27 پوءِ جڏهن آءٌ ايشور هنن جا پاپ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن ٻڌل منهنجو اهو وچن پورو ٿيندو.“

28 خوشخبري قبول نہ ڪرڻ جي ڪري بني اسرائيل ايشور جا دشمن ٿيا ۽ اهو اوهان غير قوم وارن لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر جيئن تہ ايشور سندن ابن ڏاڏن کي چونڊيو، تنهنڪري اهي ايشور جا پيارا آهن،

29 ڇاڪاڻ تہ ايشور پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل وردانن کان ڦري نہ ٿو.

30 ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ ايشور جا نافرمان هئا، پر هاڻي ايشور بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي ديا ڪئي آهي.

31 اهڙيءَ طرح هاڻي بني اسرائيل نافرمان ٿيا آهن، تہ جيئن اوهان تي جيڪا ديا ٿي آهي سا انهن تي بہ ٿئي.

32 مطلب تہ ايشور سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو آهي، تہ جيئن هو سڀني تي ديا ڪري.


ايشور جي مهما

33 واہ! ايشور جي ديا ڪيڏي نہ وڏي آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

34 اهو پوِتر شاستر مطابق آهي تہ ”پرميشور جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟

35 ڇا ڪنهن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آهي، جو بدلي ۾ هو کيس ڪجھہ ڏئي؟“

36 بيشڪ سڀيئي شيون ايشور جون ئي پيدا ڪيل آهن، انهيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آهن ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي آهن. شل ايشور جي مهانتا جي مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan