Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

رومين 1 - Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.

2 انهيءَ خوشخبريءَ جو وچن ايشور اڳي ئي پوِتر شاستر ۾ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڪيو هو.

3-4 اها خوشخبري سندس پٽ، يعني اسان جي پرڀو يسوع مسيح بابت آهي، جيڪو شرير جي لحاظ کان تہ راجا دائود جي پيڙهيءَ مان پيدا ٿيو، پر پنهنجي پوِترتائيءَ واري آتما جي لحاظ کان هو مئلن مان وري جيوت ٿي ايشور جي وڏي شڪتيءَ وارو پٽ ثابت ٿيو.

5 انهيءَ جي ئي معرفت ايشور مون تي اها ڪرپا ڪئي جو آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي سنديش ڏيان تہ هو وشواس آڻي فرمانبردار ٿين.

6 انهن ماڻهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو، جن کي ايشور يسوع مسيح جا پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.

7 هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


پولس جي روم وڃڻ جي تمنا

8 سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن.

9 ايشور، جنهن جي پٽ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي تن ۽ من سان سندس سيوا ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي پرارٿنائن ۾ ياد ڪندي

10 اها وينتي ڪندو رهندو آهيان تہ ايشور شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي بخشي.

11 مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا آتمڪ بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي وشواس ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو.

12 آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہ‌افزائي ٿيندي، اوهان جي وشواس سان منهنجي ۽ منهنجي وشواس سان اوهان جي.

13 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي سڌ هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي.

14 مون تي سڀني جو فرض آهي، توڙي جو اهي شهري هجن يا جھنگلي، پڙهيل هجن يا اڻ‌پڙهيل.

15 تنهنڪري منهنجي اها تمنا آهي تہ آءٌ پنهنجي وس آهر اوهان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.


خوشخبريءَ جي شڪتي

16 آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي مڪتيءَ لاءِ ايشور جي شڪتي آهي، جيڪو مسيح تي وشواس آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي.

17 انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ ايشور ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو وشواس رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي وشواس جي وسيلي ايشور ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيوت آهي.“


انسان جو ايشور کان منهن موڙڻ

18 جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ڌرمي ۽ بڇڙائيءَ سبب آڪاش مان ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.

19 ايشور جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. ايشور پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن.

20 هائو، ايشور جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس امر شڪتي ۽ ذات سنسار جي شروعات کان وٺي سندس رچيل شين مان چٽيءَ طرح ظاهر پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي.

21 پر هنن ايشور کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.

22 هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر مورک ثابت ٿيا.

23 هنن ابناسي ايشور کي مهانتا ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوجا ڪئي جيڪي ناس ٿيندڙ انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.

24 سو ايشور انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.

25 انهن ايشور جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ ايشور جي رچيل شين کي مان ڏيئي انهن جي پوجا ڪئي. هائو، رچنا ڪندڙ ايشور کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي مهما شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.

26 تنهنڪري ايشور انهن کي سندن شرمناڪ خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن جون ناريون پنهنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ هڪٻئي سان بدفعلي ڪرڻ لڳيون.

27 اهڙيءَ طرح مرد بہ نارين سان فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ شهوت ۾ مست ٿي ويا، يعني هڪٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انهيءَ شهوت‌پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.

28 جهڙيءَ طرح هنن ايشور کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح ايشور بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.

29 سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،

30 گلاخور، ايشور کان نفرت ڪندڙ، بي‌ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماتا پتا جي نافرماني ڪندڙ،

31 مورک، وچن نہ پاڙيندڙ، بي‌قربا ۽ ڪٺور ٿي پون ٿا.

32 جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan