مڪاشفو 8 - Hindu Sindhi Bibleستين مُهر ٽوڙڻ 1 جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آڪاش ۾ ماٺ ٿي ويئي. 2 پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا. 3 هڪڙو ٻيو دوت جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي ٻليدان واري جاءِ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوباندان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو. 4 تڏهن انهيءَ دوت جي هٿان ٻرندڙ لوبان جو دونهون مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ مٿي ايشور آڏو وڃي پهتو. 5 پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو. توتارا وڄائڻ 6 تنهن کان پوءِ جن ستن دوتن وٽ ست توتارا هئا، تن اهي وڄائڻ جي تياري ڪئي. 7 پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو. 8 ٻئي دوت توتارو وڄايو تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو تہ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو. 9 تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا. 10 جڏهن ٽئين دوت توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آڪاش مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو. 11 انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا. 12 چوٿين دوت توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو. 13 پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“ |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society