Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 7 - Hindu Sindhi Bible


بني اسرائيل جي هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن تي مُهر

1 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.

2 پوءِ مون هڪڙي ٻئي دوت کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ جيوت ايشور جي مُهر هئي. جن چئن دوتن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي ڌرتيءَ ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ دوت وڏي آواز سان چيو تہ

3 ”جيستائين اسين پنهنجي ايشور جي داسن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ ڌرتيءَ، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“

4 مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني

5 يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، جد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،

6 آشر جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، نفتاليءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، منسيءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،

7 شمعون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، لاويءَ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، اِسڪار جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،

8 زبولون جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي.


ايشور آڏو هڪ وڏو ميڙ

9 انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.

10 اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”مڪتي تخت تي ويٺل اسان جي ايشور جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

11 سڀيئي دوت ان تخت، انهن مهاتمائن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائي

12 چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي ايشور جي مهما، مهانتا، ڏاهپ، شڪرگذاري، مان‌سمان، شڪتي ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“

13 انهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“

14 مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.

15 انهيءَ ڪري هي ايشور جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس ڀڳتي پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي.

16 انهن کي وري ڪڏهن بہ بک يا اڃ نہ لڳندي ۽ نہ وري کين اُس يا گرمي ستائيندي.

17 اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan