Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 5 - Hindu Sindhi Bible


ويڙهوٽو ۽ گھيٽڙو

1 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.

2 مون هڪڙي شڪتيوان دوت کي ڏٺو، جنهن وڏي واڪي سان هي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آهي جيڪو مُهرن کي ٽوڙي هي ويڙهوٽو کولڻ جي لائق هجي؟“

3 پر آڪاش جو، يا ڌرتيءَ جو، يا ڌرتيءَ جي هيٺان جو ڪوبہ شخص اهڙو نہ هو جيڪو اهو ويڙهوٽو کولي يا انهيءَ ۾ ڏسي سگھي.

4 آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ اهو ويڙهوٽو کولڻ يا انهيءَ ۾ ڏسڻ جي لائق نہ نڪتو.

5 تڏهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، سو ئي سوڀارو ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“

6 پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.

7 گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو.

8 جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ مهاتما انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن مهاتمائن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون پرارٿنائون هيون.

9 گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.

10 تو انهن کي هڪ اهڙو راڄ بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي ايشور جي سيوا ڪري. اهي ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.“

11 ڏسندي ڏسندي مون تخت، چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي چوڌاري تمام گھڻن دوتن جا آواز ٻڌا، جن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ هو.

12 اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“

13 پوءِ سموري مخلوق جيڪا آڪاش ۾، ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي مهما، مان‌سمان، مهانتا ۽ شڪتي شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“

14 اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي مهاتما منهن ڀر ڪري سيس نوائڻ لڳا.

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan