Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مڪاشفو 3 - Hindu Sindhi Bible


سرديس واري منڊليءَ ڏانهن سنديش

1 هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.

2 اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي ايشور جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.

3 تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.

4 پر اوهان سرديس وارن جي منڊليءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ آهن، جن پنهنجا ڪپڙا داغدار نہ ڪيا آهن. اهي اڇا ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ لائق آهن.

5 هائو، جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو جيون شاستر مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پتا ۽ سندس دوتن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.

6 جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“


فلدلفيا واري منڊليءَ ڏانهن سنديش

7 هن مون کي فلدلفيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پوِتر ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي راڄ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ

8 ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.

9 ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.

10 جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.

11 آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.

12 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.

13 جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“


لوديڪيا واري منڊليءَ ڏانهن سنديش

14 هن مون کي لوديڪيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو آمين، يعني وفادار ۽ سچو شاهد آهي ۽ جنهن جي وسيلي ايشور سڀ ڪجھہ بڻايو، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ

15 ”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي. اوهين نہ ٿڌا آهيو نڪي گرم. ڪاش! اوهين ٿڌا يا گرم هجو ها تہ چڱو ٿئي ها.

16 پر اوهين نہ گرم نڪي ٿڌا، بلڪ نيم گرم آهيو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي پنهنجي وات مان ٿوڪاري ڇڏيندس.

17 ڏسو، اوهين چئو ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ گھڻو مال ملڪيت گڏ ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ شيءِ جي گھرج ڪانہ آهي.‘ پر اوهان کي اها سڌ ڪانهي تہ حقيقت ۾ اوهين بد‌بخت، ڏکيارا، ڪنگال، انڌا ۽ اگھاڙا آهيو.

18 تنهنڪري آءٌ اوهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باهہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ اڇا ڪپڙا بہ وٺو تہ پنهنجي اوگھڙ ڍڪي شرمسار نہ ٿيو. پنهنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.

19 آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.

20 ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي رسوئي کائينداسين.

21 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.

22 جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي.“

Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022

پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan