مڪاشفو 22 - Hindu Sindhi Bibleامرتجل 1 پوءِ انهيءَ دوت مون کي امرتجل جو هڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ ايشور ۽ گھيٽڙي جي تخت مان نڪري 2 انهيءَ شهر جي وڏي رستي جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جيون ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀيئي قومون ڇٽي چڱيون ڀليون پئي ٿيون. 3 انهيءَ شهر ۾ ايشور جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي ايشور ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ ايشور جا داس ايشور جي ڀڳتي ڪندا. 4 اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو. 5 اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ پرڀو پرميشور انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندا. يسوع مسيح جو ٻيهر اچڻ 6 پوءِ انهيءَ دوت مون کي چيو تہ ”هي ڳالهيون وشواس جوڳيون ۽ سچيون آهن.“ پرڀو پرميشور، جيڪو پنهنجي سنديش ڏيندڙن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪري ٿو، تنهن پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو تہ پنهنجي داسن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آهن. 7 جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن شاستر جي ڳالهين مطابق جيون گذاري ٿو. 8 آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ دوت جي پيرن تي ڪري سندس آڏو سيس نوائڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون. 9 پر هن چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو ايشور آڏو ئي سيس نواءِ! آءٌ تہ تو وانگر، ٻين سنديش ڏيندڙن وانگر ۽ هن شاستر جي ڳالهين تي عمل ڪرڻ وارن وانگر سيوا ڪرڻ وارو آهيان.“ 10 پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هن شاستر جي ڳالهين کي ڳجھو نہ رک، ڇاڪاڻ تہ وقت ويجھو آهي. 11 جيڪو برائي ڪري ٿو سو ڀلي برائي پيو ڪري، جيڪو اپوِتر آهي سو ڀلي اپوِتر پيو رهي، جيڪو نيڪ آهي سو ڀلي نيڪي پيو ڪري ۽ جيڪو پوِتر آهي سو ڀلي پوِتر پيو رهي.“ 12 جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان. 13 آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. هائو، آءٌ ئي هميشہ کان هميشہ تائين آهيان.“ 14 سڀاڳا آهن اهي جيڪي پنهنجا جبا ڌوئي صاف ٿا ڪن. اهي دروازن مان شهر ۾ داخل ٿي جيون ڏيندڙ وڻ جي ميوي کائڻ جا حقدار هوندا. 15 پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بتن جا پوجاري، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا. 16 پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”مون يسوع پنهنجو دوت انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ هو وشواسي منڊلين کي انهن ڳالهين جي شاهدي ڏئي. آءٌ راجا دائود جي پيڙهيءَ ۽ خاندان مان آهيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آهيان.“ 17 پوِتر آتما ۽ گھيٽڙي جي ڪنوار ٻئي چون ٿيون تہ ”اي پرڀو يسوع! اچ.“ هر ٻڌڻ وارو بہ اهو ئي چوي تہ ”اچ.“ جيڪو اڃايل آهي سو ڀلي اچي ۽ جنهن جي مرضي هجي سو امرتجل مفت پيئي. 18 آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن شاستر جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ ايشور هن شاستر ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو. 19 جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو. 20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ. 21 شل پرڀو يسوع جي ڪرپا سڀني چونڊي پوِتر ڪيلن تي ٿيندي رهي. آمين. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society