مڪاشفو 21 - Hindu Sindhi Bibleنئون يروشلم 1 پوءِ مون هڪڙو نئون آڪاش ۽ هڪڙي نئين ڌرتي ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آڪاش ۽ پهرين ڌرتي ڪانہ رهي ۽ نہ وري ڪو سمنڊ هو. 2 مون پوِتر شهر، يعني نئون يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي. 3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، ايشور ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، ايشور خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن ايشور هوندو. 4 هو انهن جي اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رهندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رهندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون حالتون گذري ويون آهن.“ 5 پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“ 6 هن مون کي وڌيڪ چيو تہ ”اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ اول ۽ آخر، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. جيڪو اڃايل آهي تنهن کي آءٌ امرتجل جي چشمي مان مفت پيئاريندس. 7 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو ايشور هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو. 8 پر جيڪي ڊڄڻا، وشواس کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بتن جا پوجاري ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“ 9 پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“ 10 هو مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پوِتر شهر يروشلم ايشور وٽان آڪاش مان لهندو ڏيکاريائين. 11 اُن ۾ ايشور جي جوت هئي ۽ اهو تمام قيمتي هيري جواهر وانگر چمڪي رهيو هو، ڄڻ تہ زبرجد ۽ اهڙو صاف هو جهڙو بلور. 12 شهر جي وڏي ۽ مٿاهين ڪوٽ کي ٻارهن دروازا هئا، جن تي ٻارهن دوت بيٺا هئا. دروازن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا. 13 ٽي دروازا اوڀر طرف هئا، ٽي دروازا اتر طرف، ٽي دروازا ڏکڻ طرف ۽ ٽي دروازا اولهہ طرف هئا. 14 انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن سنتن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو. 15 جنهن دوت مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي. 16 اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪ جيتري هئي. هُن انهيءَ لٺ سان شهر جي ماپ ڪئي تہ اُن جي ڊيگھہ، ويڪر ۽ اوچائي هڪ جيتري ٻارهن ٻارهن هزار فرلانگ هئي. 17 دوت شهر جي ڪوٽ جي ماپ انساني هٿ موجب ڪئي تہ اهو هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿُلهو هو. 18 شهر جو ڪوٽ زبرجد جو ٺهيل هو ۽ شهر خالص سون جو ٺهيل هو ۽ شيشي جهڙو صاف ۽ شفاف هو. 19 شهر جي ڪوٽ جا بنيادي پٿر هر قسم جي قيمتي ۽ رنگين هيرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنيادي پٿر زبرجد جو هو، ٻيو نيلم جو، ٽيون شبچراغ جو، چوٿون زمرد جو، 20 پنجون عقيق جو، ڇهون لعل جو، ستون سونهري پٿر جو، اٺون فيروزي جو، نائون پکراج جو، ڏهون لاجورد جو، يارهون سنبلي پٿر جو ۽ ٻارهون ياقوت جو هو. 21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جو وڏو رستو خالص سون جو هو ۽ شيشي جهڙو صاف هو. 22 مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل ڪانہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ سروِشڪتيوان پرڀو پرميشور ۽ گھيٽڙو ئي ان جي هيڪل آهن. 23 انهيءَ شهر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي جوت ان کي روشن ٿي ڪري ۽ گھيٽڙو ان جو ڏيئو آهي. 24 انهيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ ڌرتيءَ جا راجا پنهنجي شان وَ شوڪت وارو سامان منجھس آڻيندا. 25 شهر جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اتي ٿيندي ئي ڪانہ. 26 ماڻهو قومن جي شان وَ شوڪت ۽ مانسمان وارو سامان انهيءَ ۾ آڻيندا. 27 انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي. |
Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022
پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the New Testament in Hindu Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society